Thursday , April 25 2024

اڄ ڀلن، وچولن ۽ عام قسم جي گڏهن جي خريداري ٿيندي،گڏهه تيار ته خريدار بيقرار

اڄ ڀلن، وچولن ۽ عام قسم جي گڏهن جي خريداري ٿيندي، ٽنڊو غلام علي ۾ ايشيا جي سڀ کان وڏي پڙي اڄ لڳندي، گڏهه تيار ته خريدار بيقرار

بدين (رپورٽر سنڌسماءَچار) اڄ سنڌ ۾ وڏي پئماني تي ڀلن، وچولن ۽ عام قسم جي گڏهن جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي، گڏهن جا خريدار تيار آهن ۽ وڪرو ڪندڙ به تيار آهن ته ساڳئي وقت گڏهه به تيار آهن. سنڌ ۾ ٿيندڙ پاڪستان جي نرالي قسم جي ۽ سڀ کان وڏي گڏهن جي پِڙي تيار ٿي وئي آهي، بدين جي ٽنڊو غلام علي شهر ۾ ايشيا جي سڀ کان وڏي گڏهن جي منڊي ميرن واري ڪارخاني ۾ گڏهن جي سالياني پڙي لڳي رهي آحي، جنهن جون سموريون تياريون به مڪمل ڪيون ويون آهن، ٽنڊُ الهيار، بدين، ٽنڊو محمد خان، عمرڪوٽ، دادو، ڪوهستان ٺٽو سميت مختلف علائقن مان واپاري گڏهن سميت ٽنڊو  غلام علي پهچڻ شروع ٿي ويا آهن.

پڙي ۾ وڪري لاءِ لاسي، جابلو، ٽاپر، جابلو، ٽاپر، کودڙا، ٿري، ڪوهستاني ۽ لاڙي سميت مختلف نسلن جا گڏهه ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهن. گڏهن جي مالڪن پنهنجي پنهنجي حساب سان اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن. ڦلهڏيون شهر کان آيل واپاري سڄڻ مري چيو آهي ته هو پنهنجو گڏهه ٽن لکن تائين وڪرو ڪندو، ڇاڪاڻ ته اُهو لاسي نسل جو آهي ۽ بار کڻڻ جو به ڀلو آهي. اُن کانسواءِ ٽنڊو الهيار کان آندل گڏهه جو اگهه 2 لک، مقرر ڪيو ويو آهي. پڙيءَ جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته نه رڳو سنڌ، پر پنجاب ۽ بلوچستان مان به ماڻهو پنهجا گڏهه ڪاهي آيا آهن، جِن جي پڙيءَ ۾ قيمت لڳائي ويندي. اُن کانسواءِ پڙيءَ تي وڪري لاءِ آيل گڏهه ماڻهن جي دلچسپي جو مرڪز بڻجي ويا آهن، شهري گڏهن سان سيلفون پڻ ڪڍرائي رهيا آهن، جڏهن ته گڏهن جي گاهه ۽ هار سينگار جا اسٽالز به لڳايا ويا آهن.

ٽنڊو غلام علي شهر جي ميرن واري ڪارخاني وٽ لڳل  پڙي ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ڪراچي، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، دادو، نوابشاهه، ميرپورخاص ۽ نوشهروفيروز مان ب ه هزارين واپاري پڙي ۾  پهتل آهن، جيڪي اعليٰ نسل جا گڏهه خريد ۽ وڪرو ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي واپارين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڳ جي ڀيٽ ۾ هن سال پڙي ۾ واپاري گهٽ اگهه وارا گڏهه خريد ڪري رهيا آهن. واپارين جو چوڻ هو ته پڙي ۾ قائم هوٽلن تي ماني مهانگي آهي،گاهه به شهر کان وڌيڪ اگهه تي ملي رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *