Friday , March 29 2024

اڄ شهيد ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو هارايو، بالادست طبقي کٽيو: مير حاصل بزنجو

اسلام آباد( خاص نمائندو    سنڌسماءَچار) نيشنل پارٽي جي صدر ۽ نئين چونڊجي آيل سينيٽر مير حاصل بزنجي چيو آهي ته ثابت ٿي ويو ته مٿيون طاقتون پارليامينٽ کان وڌيڪ طاقتور آهن، اڄ ايوان ۾ ويهندي شرم اچي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته پارليامينٽ هارائي وئي آهي، شهيد ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو کٽيو ناهي پر انهن هارايو آهي، جيڪڏهن پ پ رضا رباني کي سنيٽ چيئرمين ڪرائي ها ته خوشي ٿئي ها.

سينيٽ جي اجلاس ۾ جذباتي خطاب ڪندي مير حاصل بزنجو چيو ته، اڄ سينيٽ چيئرمين بلوچستان جو هجڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي، بلوچستان سميت سمورين صوبائي اسيمبلين کي منڊي بڻايو ويو، منڊي ذريعي چونڊيل سينيٽ چيئرمين بلوچستان جي حقن جو جيڪو تحفظ ڪندو اهو به ڏسنداسين. مان سمجهان ٿو ته، اڄ پاسڪتان جو اعليٰ ايوان هارائي ويو آهي. هن چيو ته اڄ ايوان هارائي ويو آهي،  عملي طور ثابت ٿي ويو ته مٿيون طاقتون پارليامينٽ کان مٿانهون آهن. اڄ هڪ طبقي ثابت ڪيو آهي ته اسان اعليٰ ايوان کي منڊي بڻائي سگهون ٿا، بلوچستان ۽ ڪي پي اسيمبلي کي به منڊي بڻايو ويو. مير حاصل بزنجو جو چوڻ هو ته اڄ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يا شهيد بينظير ڀٽو نه پر هڪ طاقتور طبقو ڪامياب ٿيو آهي، پ  پ رضا رباني کي نامزد ڪري ها ته پوءِ شهيد ڀٽو ڪامياب ٿئي ها. نيشنل پارٽي جي صدر چيو ته ميمبرز کان ووٽ گهرڻ تي هو چون ٿا ته هوءَ سٺا ماڻهو آهن ۽ پوءِ اهي چون ٿا ته هو مجبور آهن. مير حاصل بزنجي جو چوڻ هو ته عالمي سطح تي اسان اڪيلا ٿي رهيا آهيون، فيڊريشن جو جيڪو حال ٿيڻ وڃي رهيو آهي اهو تاريخ جو بدترين ڏينهن هوندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *