Friday , March 29 2024

اپريل جي آخر تائين اسپتالن ۾ مريضن لاءِ جاءِ نه هوندي: وزيراعظم عمران خان

جيڪي سمجهن ٿا ته پاڪستان جي ماڻهن جي قوت مدافعت مضبوط آهي انڪري کين ڪرونا وائرس نه لڳندو اهي ڀليل آهن: وزيراعظم

اسلام آباد( خاص نمائندو  سنڌ سماءَچار) وزيراعظم عمران خان نيٺ اعتراف ڪري وررتو آهي ته ملڪ ۾ ڪرونا وائس خطرناڪ صورتحال طرف وڌي رهيو آهي، اپريل جي آخر تائين مريضن جو انگ وڌڻ جو امڪان آهي، ملڪ جي اسپتالن ۾ مريض پورا پئجي نه سگهندا. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيل قومي راابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي ۽ لاڳاپيل اختيارين جي وزيرن، صلاحڪارن ۽ عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس کانپوءِ وزيراعظم هائوس ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي وزير اعظم عمران خان چيو ته ڪرونا وائرس ملڪ ۾ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري رهيو آهي، اپريل مهيني جي آخر تائين ڪرونا وائرس جا متاثرن ۾ وڏي تعداد ۾ واڌ جو امڪان آهي، وزيراعظم سينئر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته، جيڪا صوررتحال موجود آهي ان کي نظر ۾ رکندي اندازو آهي ته اسپتالن ۾ ڪرونا جي مريضن لاءِ جڳهه به نه هوندي. وزيرعاظم جون چوڻ هو ته هيل تائيين ڪرونا متاثر مريضن جي فوتين جو انگ صرف 40 آحي، ان کي ڏسي ماڻهو سمجهن ٿاا ته پاڪستان جي ماڻهن ۾ قوت مدافعت وڌيڪ آهي انڪري هي وائرس انهن تي اثر نه ڪندو، هن چيو ته مان سڀني کي گذارش ڪيان ٿو ته ان غلطفهي ۾ نه هي خطرناڪ وبائي وائرس آهي، لڳي ٿو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ جيڪي 4 يا 5 سيڪڙو ماڻهو اسپتالن ۾ ويندا انهن لاءِ اتي ڪا به جاءِ نه هوندي.عمران خان چيو ته 3 هفتا لاڪ ڊائون ڪري اسڪول فيڪٽريون ۽ دڪان بند رکڻ جو فيصلو ڪيو، ٽارگيٽ شهرن کي رکيو، 22 ڪروڙماڻهن کي کاڌو پيتو فراهم ڪرڻ لاءِ زرعي شعبي کي مڪمل طور کليو رکيو ويندو. هن چيو ته زرعي شعبي کي چيو آهي ته هنن لاءِ ڪو لاڪ ڊائون ناهي، تعميراتي سيڪٽر کي به ڪم ڪرڻ لاءِ چئي ڇڏيو آهي، وڏو چئلينج غريب طبقي کي رليف فراهم ڪرڻ آهي. وزيراعظم ٻڌايو ته احساس پروگرام تحت هڪ ڪروڙ 20 لک خاندانن کي پئسا فراهم ڪيا ويندا، 17 هنڌن تان 12 هزار رپيا ضرورتمند ماڻهن کي ڏنا ويندا.

وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته هڪ سئو 44 ارب هيٺين طبقي تائين ورهايا ويندا، احساس پروگرام ۾ ڪنهن به قسم جي سياسي مداخلت ناهي، ايس ايم ايس ذريعي ماڻهن جي ڄاڻ ملي پئي، جنهن جي نادرا وسيلي جاچ ڪئي پئي وڃي. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان جي صحت بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا ڪورونا وائرس بابت اجلاس کي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ فلائيٽ آپريشن اسلام آباد کانسواءِ ٻين شهرن لاءِ به شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪورونا وائرس ٽيسٽنگ ليبارٽري جو دائرو سڄي ملڪ ۾ وڇائڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *