Thursday , March 28 2024

اي سي ايل ۾ شامل ماڻهن کان ٻيهر پڇاڻي، چُرپُر۽ فون ڪالز جي نگراني جو فيصلو

اي سي ايل معاملو:چارٽراڪائونٽس فرمز،ايف بي آر،انڪم ٽئڪس،ڪسٽمزجا ڪيسزڊيل ڪندڙلا فرمزکان مدد وٺڻ لاءِ حڪمت عملي تي غور

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد      سنڌسماءَچار) جي آءِ ٽي رپورٽ جي بنياد تي 172 بااثر ماڻهن جا نالا اِي سِي ايل ۾ شامل ڪرڻ کانپوءِ ڪيترن ئي ماڻهن کان پڇاڻي جو سلسلو ٻيهر شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، اي سي ايل فهرست ۾ شامل سمورن ماڻهن جي مڪمل نگراني ڪئي پئي وڃي. سنڌسماءَچار کي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ شامل 172 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ ايف آءِ اي، نئب سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سمورن ماڻهن جي سرگرمين تي نظرداري شروع ڪري ڏني آي. ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب، اي سي ايل واري فهسرت جاري ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه ماڻهن پاران مختلف رستن کان پرڏيهه فرار ٿيڻ جي ڪوششن وارن اطلاعن کان پوءِ وفاقي گهرو وزارت جي هدايتن تي ضروري قدم کنيا پيا وڃن. ذريعن جو چوڻ آهي ته لسٽ ۾ شامل سمورن ماڻهن جي مڪمل نگراني ڪئي پئي وڃي. جن جي نگراني ڪئي پئي وڃي انهن ۾ ڪجهه سياسي شخصيتن خاص طور تي بيوروڪريٽس، واپارين ۽ فرنٽ مينز طور ڪم ڪندڙ ماڻهن جي سخت نگراني ڪئي پئي وڃي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته، انهن سمورن ماڻهن، سندن خاص ملازمن، گهر ڀاتين ۽ ويجهن دوستن جا فونز، سماجي رابطن جي اڪائونٽس(جن جا آهن) يا وري اهڙڻ سوشل اڪائونٽس جيڪي انهن ماڻهن جا اعتماد وارا آهن، انهن  ذريعي به هو رابطا ڪري رهيا آهن.

ذريعن کان اها به ڄاڻ ملي آهي ته، جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ ڪجهه اهڙن سياستدانن، ڪامورن، واپارين، مختلف ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرز، جنرل مئنيجرز ۽ انڊسٽريل ريليشنز، اڪائونٽس ۽ ايف بي آر جا معاملا سنڀاليندڙ آفيسرز جي نگراني ڪئي پئي وڃي. ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته، ڪجهه چارٽراڪائونٽس فرمز جي به ڪجهه ڏينهن کان نگراني شروپع ٿي چڪي آهي.  ايف بي آر، ڪسٽمز، انڪم ٽيڪس سميت مختلف ڪمپنيز جي ڪيسن جي پيروي ڪندڙ وڪيلن / لا فرمز کان رڪارڊ حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ قانوني ۽ انتظامي طريقي لاءِ حڪمت عملي جوڙي  پئي وڃي. جنهن لاءِ ايف آءِ اي جي لاڳاپيل ونگز ۽ قانون واري وفاقي وزارت کي به مدد لاءِ چيو ويو آهي.

بئنڪ اڪائونٽس بابت اهم اڳڀرائي جو امڪان آهي:ذريعا

جعلي بئنڪ اڪائونٽس بابت جي ءِ ٽي رپورٽ بابت ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي ته، 31هين ڊسمبر کان اڳ يا وري جنوري جي پهرين هفتي دوران جي آءِ ٽي جي جاچ ۾ شامل سمورن بئنڪ اڪائونٽس ۽ اهم شخصيتن جا بئنڪ اڪائونٽس بند / منجمند ڪيا ويندا. ذريعن جو چوڻ آحي ته انهن بئنڪ اڪائونٽس مان جن ٻين کاتن ۾ يا ٻين کاتن مان انهن اڪائونٽس ۾ ٿيل ٽرانزيڪشنز / ڏيتي ليتي وارن اڪائونٽ هولڊرز بابت به ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي.

آصف زرداري، فريال ٽالپر، مراد علي شاهه، سهيل انور سيال،مڪيش ڪمار چاولا، علي حسن زرداري ۽ سراج دين سومرو جي پرڏيهه وڃڻ تي پابندي

پ پ پ جي سي اِي سي جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي- صنم ڀٽو کي سياسي ذميواري ڏيڻ جي مخالفت

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *