Friday , March 29 2024

ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه فيصل ايڌي کي ڪرونا جي تصديق، فيصل وزيراعظم سان به ملاقات ڪري چڪو

وزيراعظم عمران خان سان ملاقات جي ٻئي ڏينهن ئي فيصل ايڌي کي ڪرونا جون علامتون ظاهر ٿيون: سعد فيصل ايڌي

ڪراچي( مانيٽرنگ ڊيسڪ  سنڌسماءَچار) دنيا جي مشهور سماجي اڳواڻ ۽ ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه فيصل ايڌي کي ڪرونا وائرس هئڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، فيصل ايڌي ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات به ڪئي هئي، ملاقات دوران ڪابينا جا ڪجهه ميمبر ۽ واپاري به  موجود هئا. فيصل ايڌي جو چوڻ آهي ته سندس طبيعت ٺيڪ نه هئي انڪري هن مختلف ٽيسٽ ڪرايون، فيصل ايڌي موجب هو اسلام آباد ۾ موجود آهي، کيس ڪرونا واريون علامتون 4 ڏينهن تائين جاري رهيون، کيس مٿي ۾ سخت سور هو، جنهن کانپوءِ هن ڪرونا جي به ٽيسٽ ڪرائي جنهن جي رپورٽ ۾ کيس ڪرونا وائرس هئڻ جي تصديق ٿي آهي، ميڊيا رپورٽس مطابق فيصل ايڌي، ڪرونا جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ سندس طبيعت بهتر آهي، هن پنهنجو ڇپاڻ کي گهر اندر ئي ڪورنٽائينڪري ڇڏي آهي. فيصل ايڌي جي پٽ سعد ايڌي جو چوڻ آهي ته سندس والد فيصل ايڌي کي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات جي هڪ ڏينهن کانپوءِ ڪرونا جون علامتون ظاهر ٿيون هيون، جنهن بعد سندس ٽيسٽ ڪرايون هيون.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *