Friday , April 19 2024

ايڌي سينٽر ٺٽو سيل ٿيڻ خلاف بک هڙتال جاري

ٺٽي ۾ ايڌي سينٽر جي تالابندي خلاف شهرين 17هين ڏينهن به احتجاج جاري رکندي، علامتي بک هڙتال ڪئي، جڏهن ته ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه فيصل ستار ايڌي پڻ ٺٽي پهچي شهرين جي احتجاج ۾ شرڪت ڪئي. سياسي، سماجي تنظيمن ۽ ايڌي بچايو ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ناٿو بروھي، نظير جاکرو، ڀورو سرڪي، اسحاق خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾شهرين 17 هين ڏينهن به ايڌي سينٽر اڳيان قائم ڪيل ڪئمپ تي علامتي بک هڙتال ڪئي. ايڌي فائونڊيشن جي سربراهه فيصل ستار ايڌي پڻ ڪئمپ تي پهچي شهرين سان گڏ علامتي بک هڙتال تي ويهي احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي فيصل ستار ايڌي چيو ته ٺٽي ۾ ايڌي مرڪز جي تالابندي سبب فلاحي سرگرميون متاثر ٿي رهيون آھن، پر عوام جي ڀلائي خاطر سروس ڪنھن به صورت ۾ بند نه ڪنداسين، سينٽر جي تالا بندي خلاف قانوني جنگ ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته ٺٽي ۾ ايڌي سينٽر 40 سال اڳ حڪومت جي اجازت سان سرڪاري پلاٽ تي قائم ڪيو ويو ھو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته لينڊ مافيا طرفان ڪوڙا ڪاغذ ٺهرائي ايڌي سينٽر تي مالڪي جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي، جنهن کي رد ڪيون ٿا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *