Wednesday , April 24 2024

ايڊز لاڙڪاڻي کان شڪارپور پهچي وئي، 48 ماڻهن کي ايڇ آءِ وي پازيٽو جي تصديق

شڪارپور(رپورٽر   سنڌسماءَچار) لاڙڪاڻي ضلعي جي رتيديري ۽ نئين دير کانپوءِ شڪارپور ۾ به وڏي پئماني تي ايڊز هجڻ جون شاهديون ملڻ شروع ٿي ويون آهن، جمعي ڏينهن 297 ماڻهن جي بلڊ اسڪريننگ دوران 48 ڄڻن کي ايڇ آءِ وي پازيٽو هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، جنهن بعد ضلعي اندر مريضن جو انگ 120 کان وڌي ويو آهي. شڪارپور جي سول اسپتال ۾ لڳايل فري ايڊز اسڪريننگ ڪئمپ تي 297 ماڻھن جي اسڪريننگ ڪئي وئي، رپورٽس ۾ ڇرڪائيندڙ نتيجا سامهون آيا آهن، اسڪريننگ دوران 48 ڄڻن ۾ ايڇ آءِ اي جي تصديق ٿي آهي، جن ۾ 32 عورتون، 14 ٻارڙا ۽ 2 مرد شامل آهن، نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد شڪارپور ضلعي اندر ايڇ آءِ وي جي ڪيسن جو انگ 120 کان وڌي ويو. صحت کاتي جي عملدارن ايڊز وڌڻ جو ذميوار ضلعي جي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن ۾ ھلندڙ غير اڻ رجسٽرڊ ويم گهرن، عطائي ڊاڪٽرن جي ڪلينڪن ۽ غير رجسٽرڊ ليبارٽرين کي قرار ڏنو آھي، ڊي ايڇ او شڪارپور ڊاڪٽر شبير شيخ پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته ايڊز جي پکيڙ جو ڪارڻ بڻيل اڻ رجسٽرڊ ويم گهرن، عطائي ڊاڪٽرن ۽ غير رجسٽرڊ ليبارٽريز خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، 147 عطائي ڊاڪٽرن جون ڪلينڪس، 7 ويم گهر ۽ 2 ليبارٽريز سيل ڪيون ويون آهن. ڪارروايون جاري رهنديون.

سنڌسماءَچار جو سٿ پنهنجي پڙهندڙن کي باخبر رکندو پيو اچي، جڏهن صرف رتيديري ۾ ايڊز جا چند مريض ظاهر ٿيا هئا ته سنڌسماءَچار هي اهم نيوز شايع ڪئي هئي. لنڪ تي ڪلڪ ڪري پڙهي ڏسو

سنڌ ۾ ايڊز جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف، ڊاڪٽر آن دي رڪارڊ ڳالهائڻ کان گهٻرائڻ لڳا

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *