Thursday , April 18 2024

ايپيڪس ڪميٽي جو اجلاس: ٿرپارڪر ۾ مدرسن جو تيزي سان قائم ٿيڻ تي ڳڻتي ڪنهن کي؟؟

سنڌ ۾ مدرسن جي سڌارن بابت صوبائي گهرو کاتي پاران ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ اعتراف ڪيو ويو آهي ته، سنڌ هڪ هزار اهڙا مدرسا قائم آهن جيڪي قانوني گهرجون پوريون نه ٿا. گهرو کاتي جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گذرل 3-4 سالن دوران صرف ٿرپارڪر ۾ 60 مدرسا قائم ڪيا ويا آهن، جيڪي قانوني گهرجون به پوريون نه ٿا ڪن. سنڌ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس دوران ٿرپارڪر ۾ مدرسا قائم ٿيڻ بابت سامهون آيل رپورٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. گهوٽڪي ضلعي اندر 3 مدرسا سرڪاري زمين تي قائم ڪيا ويا آهن، تعجب ان ڳالھ جو آهي ته اهي مدرسا قائم ڪرڻ لاءِ ٻيون قانوني گهرجون به پوريون ناهن ڪيون ويون.

جمعي ڏين سنڌ ايپيڪس جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ صوبائي وزيرن وزير نثار کهڙو، سهيل انور سيال، ناصر شاهه، ضياءَ لنجار، ڪور ڪمانڊر ڪراچي، چيف سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري، ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ ايڊيشنل آءِ جي سنڌ سميت لاڳاپيل عملدارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

وڏي وزيرجي صدارت ۾ ٿيل سنڌ ايپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ گهرو کاتي پاران ڏنل بريفنگ ۾ چيو ويو آهي ته، ٿرپارڪر ضلعي اندر تيزي سان مدرسا قائم ٿي رهيا آهن. گهرو کاتي پاران ڏنل بريفنگ ۾ چيو ويو آهي ته، ٿرپارڪر هندو اڪثريتي آبادي وارو علائقو آهي، جتي 4 سالن دوران 60 نوان مدرسا قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بنا قائم ڪيا ويا آهن، جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گهوٽڪي ضلعي اندر 3 اهڙا مدرسا قائم ڪيا ويا آهن جيڪي سرڪاري زمين تي بنا اجازت جي قائم ٿيا آهن جن کي نوٽيسز جاري ڪيا آهن.

ايپيڪس ڪميٽي ڪراچي جيل ۾ قيد 270  خطرناڪ قيدين کي 10 ڏينهن اندر سنڌ جي ٻين ضلعن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. ڪميٽي جي اجلاس ۾ لاڳاپيل عملدارن ٻڌايو ته دهشتگردي جا ڪيس اڳ ۾ ئي فوجي عدالتن ۾ هلندڙ آهن.  اجلاس ۾ دهشتگردي جي واقعن جا 10 ڪيس فوجي عدالتن ڏانهن اماڻڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، انهن 10 ڪيسن ۾ مشهور قوال امجد صابري قتل ڪيس سميت اهڙن ڪيسن جي جوابدار ۾ عاصم ڪيپري، اسحاق بوبي، سميع الله ۽ ٻيا جوابدار شامل آهن. ان کان اڳ 37 ڪيس اڳ ۾ ئي ملٽري ڪورٽس ۾ هلندڙ آهن. صوبي مان 573 ماڻهن کي شيڊيول فور ۾ رکيو ويو آهي، اجلاس ۾ ان ڳالھ تي به زور ڏنو ويو ته شيڊيول فور ۾ شامل ڪيل ماڻهن تي قانون مطابق عمل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. اجلاس ۾ لاڳاپيل اختيارين پوليس اهلڪارن تي حملن، دهشتگردي جي ڪيسز ۾ اڳڀرائي سميت امن امان جي صورتحال بابت به بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته، دهشتگردي ڪيسز ۾ 21 جوابدران کي ڦاهي جي سزا اچي چڪي آهي، جن جون اپيلون لاڳاپيل عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن، جن جي باقائدگي سان پوئواري ڪئي پئي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *