Thursday , March 28 2024

ايپيڪس ڪميٽي جو اجلاس، متحده باني سان منصوب ڪيل رستن ۽ عمارتن جا نالا تبديل ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي( رپورٽر     سنڌسماءَچار) ايپڪس ڪميٽي ۽ ان جي خاندان جي نالي سان لاڳاپيل 62 عمارتن ۽ رستن جا نالا مٽائڻ جي منظوري  ڏئي ڇڏي آهي،اجلاس۾اسٽريٽ ڪرائيم جا ڪيس اي ٽي سي ۾ هلائڻ جي تجويز تي به ويچاريو ويو،وڏي وزير هدايت ڪئي ته شهرين کي هر حال ۾ تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪئي ويندي. ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪورڪمانڊر ڪراچي، ڊي جي رينجرز سنڌ، آءِ جي سنڌ، گهرو وزير، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾  رينجرز کي جوابدارن جي نظر بندي جا اختيار ڏيڻ جي تجويز تي ويچاريو ويو.  وڏي وزير تجويز سنڌ ڪابينا ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.اجلاس ۾ چيو ويو ته  اسٽريٽ ڪرائيم دوران فائرنگ ڪندڙ جوابدارن جا ڪيس اي ٽي سي ۾ آڻڻ جي تجويز تي به ويچاريو. وڏي وزير شهرين کي هر حال ۾ تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ قانونسازي ڪرڻ جي  هدايت ڪري ڇڏي  آهي. ايپڪس ڪميٽي ڊرائيونگ لائيسنس ڪوريئر سروس جي ذريعي  موڪلڻ جي تجويز ڏني وئي، جنهن تي وڏي وزير  اجلاس کي ٻڌايو ته اهي دستاويز پهريان ئي ڪوريئر سروس جي ذريعي موڪلڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. اجلاس ۾ سيف سٽي منصوبي بابت وڏي وزير بريفنگ ڏني ۽ ڄاڻايو ته نيب جي ڪري هي منصوبو دير جو شڪار ٿي رهيو آهي. هن چيو ته نيب جي عملدارن کي گهرائي  خدشن کي ختم ڪيو ويندو،جيئن اهو منصوبو وقت تي مڪمل ٿي سگهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *