Friday , March 29 2024

اين ٽي ايس پاس استادن پاران پڪو نه ڪرڻ خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا

ڪراچي( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) تعليم کاتي ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪري ڀرتي ٿيل استادن پڪو نه ٿيڻ سميت ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ نوابشاهه، ميرپور بٺورو جيڪب آباد ۽ ٻين شهرن ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا. نوابشاهه ۾ علي خان لنڊ، گلڻ ڇٽو، جاويد اختر انڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو.

ميرپوربٺوري ۾تعلقي جي پرائمري ۽ سيڪنڊري استادن اسد خواجا، انور ميمڻ، جبار زنئور ، امجد خيرپوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي.  ان موقعي تي استاد اڳواڻن چيو ته 9 سال کان شاگردن کي تعليم ڏئي رهيا آهيون، اڃا تائين کين پڪو نه ڪيو ويوآهي. هنن چيو ته اسان ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ واري عمل جي مخالف ڪيون ٿا، ۽ آر ايس يو اداري جي پاليسي سندن منظور ناهي.هنن گهر ڪئي ته اين ٽي ايس پاس ڪندڙ استادن کي پڪو ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي دائرو وڌايو ويندو.

جيڪب آباد ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن کي پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.  اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ استاد جاويد ڀٽي، يار محمد خاراني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي استاد اڳواڻن چيو ته 9 سال کان شاگردن کي تعليم ڏئي رهيا آهيون، اڃا تائين کين پڪو نه ڪيو ويوآهي. هنن چيو ته اسان ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ واري عمل جي مخالف ڪيون ٿا، ۽ آر ايس يو اداري جي پاليسي سندن منظور ناهي. هنن گهر ڪئي ته اين ٽي ايس پاس ڪندڙ استادن کي پڪو ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي دائرو وڌايو ويندو. شهدادڪوٽ ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ استادن کي پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اين ٽي ايس پاس ڪندڙن استادن انعام الله گبول، امداد جکراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هاءِ اسڪول کان پريس ڪلب تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.   ان موقعي تي استاد اڳواڻن چيو ته 9 سال کان شاگردن کي تعليم ڏئي رهيا آهيون، اڃا تائين کين پڪو نه ڪيو ويوآهي.

هنن چيو ته اسان ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ واري عمل جي مخالف ڪيون ٿا، ۽ آر ايس يو اداري جي پاليسي سندن منظور ناهي. هنن گهر ڪئي ته اين ٽي ايس پاس ڪندڙ استادن کي پڪو ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي دائرو وڌايو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *