Friday , April 19 2024

اين اي 198 تي آزاد اميدوار ۽ سردار واحد بخش ڀيو چونڊ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون

شڪارپور( خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) شڪارپور جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 198 تي آزاد اميدوارسردار واحد بخش ڀيو چونڊ سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن، واحد بخش پيپلز پارٽي جو سينئر اڳواڻ آهي، هن کي پارٽي ٽڪيٽ نه ڏني هئي. هن چونڊ مهم تيز ڪري ڇڏي آهي، اڱاري ڏينهن مختلف ڳوٺن جو دورو ڪيو. خانپور جي مختلف ڳوٺن ۾ ميڙاڪن ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار واحد بخش ڀيو چيو ته، اقتدار سندس منزل ناهي پر تڪ جي بي يارو مددگار عوام جي خدمت ايوانن ۾ نه هوندي به ڪندو رهيو آهي. هن چيو ته آزاد اميدوار طور اليڪشن وڙهڻ جو فيصلو تڪ جي ماڻهن جي اسرار تي ڪيو آهي. هن چيو ته، ذاتي مفادن تي عوام جي ووٽن جو سودو ڪندڙن خلاف تڪ جي عوام جي خدمت لاءِ ميدان لجي خدمت لاءِ ميدان ۾ لٿو آهي. هن چيو ته ماڻهن کيس جيڪا موٽ ڏني آهي، اها ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته، اين اي 198 جو عوام سندن ووٽن تي چونڊجي پنهنجا گهر ڀرڻ وارن کان تنگ اچي چڪو آهي. هن چيو ته هاڻي اڳوڻن نمائندن ۽ مفاد پرست کي هتان جو عوام رد ڪري ڇڏيندو ۽ 25 جولاءِ تي موبائل فون تي ٺپو هڻي پاڻ سان ٿيل ظ:من جو حساب وٺندو.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *