Tuesday , April 16 2024

ايندڙ چونڊن ۾ وڏي اي بي سي جا اکر به چونڊ نشانن طور استعمال ڪيا ويندا

اسلام آباد (رپورٽر   سنڌسماءَچار) پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو چونڊ نشانن ۾ انگريزي الفابيٽ جا اکر به شامل ڪيا ويا آهن، ايلڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته، چونڊن نشانن طور اي بي سي جا  ڪيپيٽل اکر A-B-G-P – S  شامل ڪيو ويو آهي، جيڪي نشان ايندڙ عام چونڊن ۾ اميدوارن کي جاري ڪري سگهبا. ملڪ ۾ 2018 ع عام چونڊن جون تياريون جاري آهن ۽ اليڪشن ڪميشن جي طرفان انتظامن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي. اليڪشن ڪميشن چونڊن جي لاءِ چونڊ نشانن جي لسٽ پڻ تيار ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ سياسي پارٽين جي لاءِ 330 چونڊ نشانن جي فهرست جوڙي وئي آهي.

اليڪشن ڪميشن جي موجب چونڊ نشان ۾ پهريون ڀيرو انگريزي الفابيٽ ڪيپيٽل اي بي سي جا 6 لفظن A-B-G-P – S  کي چونڊ نشان طور شامل ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي طرفان چيو ويو آهي ته چونڊ نشانن ۾ چمچو ۽ جوتا پڻ شامل ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن موجب، چونڊ نشان رکندڙ سياسي جماعتن کي پڻ ٻيهر درخواست ڏيڻي پوندي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *