Wednesday , April 17 2024

ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ پي ايس پي نيٺ هڪ ٿي ويا، متحده جي هڪ ايم اين اعتراض واريندي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪراچي ( اصغر آزاد – سنڌ سماءَ چار نيوز) ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ پاڪ سرزمين پارٽي سياسي اتحاد ٺاهڻ ۽ ايندڙ چونڊون هڪ نالي، هڪ منشور ۽ هڪ چونڊ نشان تحت وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، فاروق ستار چيو آهي ته سنڌ جي شهري علائقن جو ووٽ بينڪ ورهائڻ کان بچائڻ ۽ جٽادار امن جي خاطر ٻنهي جماعتن گڏجي ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ٻين قوميتن جي موجودگي ۾ مهاجرن جي نالي تي سياست ڪرڻ مهاجرن سان دشمني برابر هوندو، اتحاد وقت جي ضرورت آهي، اتحاد جو نالو ۽ منشور ايندڙ اجلاس ۾طئي ڪيو ويندو. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ پي ايس پي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال ڪراچي پريس ڪلب ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي اتحاد جو اعلان ڪيو. ٻنهي اڳواڻن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ پاڪ سرزمين پارٽي سياسي اتحاد ٺاهڻ ۽ ايندڙ چونڊون هڪ نالي، هڪ منشور ۽ هڪ چونڊ نشان تحت وڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ان موقعي تي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ٻنهي پارٽين ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ گڏيل سياسي اتحاد ٺاهڻ تي اتفاق ٿيو آهي. هن چيو ته ٻنهي پارٽين ۾ اتحاد جو مقصد سنڌ جي شهري علائقن جي ووٽ بينڪ کي ورهائڻ کان بچائڻ ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ آهي. فاروق ستار چيو ته عدم تشدد ۽ عدم ٽڪراءَ واري پاليسي اختيار ڪري اسان سياسي اتحاد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن جو چوڻ هو ته سنڌ جي وڏيرن شهري علائقن جي ووٽ جي ورهاست جو فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ شهري علائقن ۾ حددخليون ڪيون، جيڪو عمل افسوسناڪ آهي. فاروق ستار چيو ته نئين سياسي اتحاد ۾ ايم ڪيو ايم حقيقي ۽ ايم آءِ ٽي سميت سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾اڪثريت رکندڙ پارٽين کي به شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني ويندي. هن چيو ته پي ايس پي سان ان معاملي تي ڳالهيون ٿيون آهن ته ايندڙ چونڊون هڪ نالي، هڪ منشور ۽ هڪ چونڊ نشان تحت وڙهيون وڃن.

پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو ته ايندڙ چونڊون هڪ پارٽي ۽ هڪ منشور تحت وڙهڻ ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ واري فاروق ستار جي تجويز جي هو حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته ڪراچي ۾ لکين سنڌين، بلوچن، پنجابين ۽ پختونن جي موجودگي ۾ مهاجرن جي نالي تي سياست ڪرڻ جو مقصد مهاجرن سان دشمني برابر آهي. هن ٻڌايو ته ٻنهي پارٽين وچ ۾ هڪ منشور، هڪ چونڊ نشان ۽ هڪ نشان تحت چونڊون وڙهڻ بابت گذريل 6 مهينن کان ڳالهيون هلندڙ هيون. مصطفيٰ ڪمال چيو ته اسٽيبلشمينٽ کي اپيل ٿو ڪيان ته بلوچستان جي ويڙهاڪن جيان ڪراچي جي ٻارن کي به معافي ڏني وڃي، جيئن انهن کي به هڪ موقعو ملي سگهي. جيڪڏهن منهنجي بيانن سان فاروق ستار ۽ ٻين جي دل آزاري ٿي آهي ته مان انهن کان معافي وٺان ٿو. گڏيل پريس ڪانفرنس دوران مصطفيٰ ڪمال ايم ڪيو ايم جي خاتمي جو اعلان ڪندي چيو ته الطاف حسين سان گڏ ايم ڪيو ايم به ختم ٿي وئي آهي، جنهن تي فاروق ستار وضاحت ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ پي ايس پي ٻئي جماعتون پنهنجي جاءِ تي قائم آهن، جڏهن ته نئين اتحاد ۽ ان جي نالي سميت مختلف معاملن تي اڃا وڌيڪ گڏجاڻيون ٿينديون ۽ اهي معاملا بعد ۾ نبيريا ويندا.

پي ايس پي ۽ ايم ڪيو ايم جو اتحاد، ايم اين اي علي رضا عابدي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ايم اين اي علي رضا عابدي پي ايس پي سان اتحاد تي احتجاج طور پارٽي ۽ اسيمبلي جي رڪنيت تان استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، علي رضا عابدي جو چوڻ آهي ته اهڙي اتحاد کانپوءِ هو ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ شامل رهڻ نه ٿو چاهي. عراقي شهر ڪربلا معليٰ مان پنهنجي ٽويٽ ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ايم اين اي علي رضا عابدي پي ايس پي سان اتحاد تي احتجاج ڪندي پارٽي ۽ اسيمبلي جي رڪنيت تان استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. علي رضا عابدي پنهنجي ٽويٽ ۾ وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ پي ايس پي وچ ۾ اتحاد کانپوءِ هو پارٽي ۾ شامل رهڻ نه ٿو چاهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *