Saturday , April 20 2024

ايم ڪيو ايم نئين صوبي جو رينگٽ ٻيهر شروع ڪري ڏنو، پي ٽي آءِ به حمايتي بڻجي وئي، جي ڊي اي خاموش

ايم ڪيو ايم نئين صوبي جو رينگٽ ٻيهر شروع ڪري ڏنو، پي ٽي آءِ به حمايتي بڻجي وئي، جي ڊي اي خاموش

اسلام آباد (رپورٽر  سنڌسماءَچار) ايم ڪيو ايم نوان صوبا ٺاهڻ وارو رينگٽ هڪ ڀيرو ٻيهر شروع ڪري ڏنو آهي، حڪمران جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف به ايم ڪيو ايم سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيهي رهي، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس خاموش تماشائي بڻيل، ايم ڪيو ايم جي هڪ ايم اين اي ڪشور زهرا ۽ امين الحق اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سنڌ دشمن بل جمع ڪرايو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ” ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ لاڳاپيل صوبائي اسيمبلي مان ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت سان رٿ جي منظوري واري شڪ آئين مان ختم ڪئي وڃي“. اڱاري ڏينهن ٿيل قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران متحده ايم اين اي ڪشور زهرا ۽ امين الحق صوبن جي سرحدن ۾ ڦيرڦار جي حوالي سان صوبائي اسيمبليز کان اختيار کسڻ لاءِ آئيني ترميم جو بل پيش ڪيو. متحده ميمبرز طرفان پيش ڪيل بل ۾ آئين جي آرٽيڪل 239 ۾ شق نمبر 4 ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. اُن شق نمبر 4 ۾ آهي ته جيڪڏهن پارليامينٽ ڪنهن صوبي جي سرحدن ۾ ڦير ڦار جو قانون منظور ڪري ٿي ته صدر تيستائين اُن جي منظوري نه ڏيندو، جيستائين لاڳاپيل اسيمبلي 2 ڀاڱي 3 اڪثريت سان اُن بل جي منظوري نه ٿي ڏئي.

متحده ميمبرز جي بِل ۾ صوبائي اسيمبليز کان اُهو اختيار کسڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. پ پ ايم اين اي نويد قمر بِل جي مخالفت ڪندي چيو ته صوبن جي معاملن ۾ وفاق مداخلت نٿو ڪري سگهي، سرحدن ۾ ڦير ڦار جو اختيار صوبائي اسيمبليز کي آهي ۽ اُهو اختياري واپس نٿو وٺي سگهجي. حڪمران جماعت پي ٽي آءِ به قومي اسيمبلي ۾ متحده جي بِل جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. وفاقي وزير علي محمد خان چيو ته هو صوبن جي معاملن ۾ مداخلت نٿا ڪرڻ گهرن، پر صوبن کان اختيار واپس وٺڻ واري بِل تي بحث ڪري سگهجي ٿو، تنهن ڪري بِل پيش ٿيڻ ۽ بحث ڪرڻ ۾ ڪو عيب نه آهي. قومي اسيمبلي ۾ صوبن جي حدن ۾ ڦير ڦار جو اختيار صوبائي اسيمبلي کان کسي وفاق حوالي ڪرڻ وارو بل لاڳاپيل ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو.

بل پيش ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم سان گڏ حڪمران جماعت تحريڪ انصاف ان جي حمايت ڪئي جڏهن ته سنڌ سان واسطو رکندڙ اڳوڻو وفاقي وزير غوث بخش مهر ۽ ٻِيا گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ( جي ڊي اي) جا ميمبر خاموش رهيا. پارلياماني معاملن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به ٺهراء، بل يا ڪنهن ٻئي معاملي تي ووٽنگ ۾ خاموش رهڻ/ ووٽنگ ۾ حصو نه وٺڻ اصل ۾ ان بل/رٿ/ٺهراءَ جي حمايت جي  برابر هوندو آهي.واضح رهي ته ڪجهه عرصو اڳ متحده سان واسطو رکندڙ وفاقي وزير فروغ نسيم بيان ڏنو هو ته ڪراچي جا انتظام وفاق حوالي ڪيا ويندا، جنهن جي سنڌ ۾ ڀرپور مخالفت ڪئي وئي. سنڌ اسيمبلي ۾ به جڏهن سنڌ جي ورهاڱي جي مخالفت ڪندڙ ميمبرز کي سيٽ ان اُٿي بيهڻ لاءِ چيو ويو ته متحده جا ميمبرز پنهنجي سيٽس تي ويٺل رهيا ۽ ورهاڱي جي حمايت ڪئي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *