Friday , March 29 2024

ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي هٿيارن جي سکيا ڏيڻ جي وڊيو ۽ تصويرون منظر تي اچي ويون …!!

Hyder abas Arms

ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن کي هٿيارن جي سکيا ڏيڻ واريون تصويرون ۽ وڊيوز منظر تي اچي ويا آهن، جن ۾ اڳواڻ هٿيارن جو استعمال ڪري رهيا آهن. انهن اڳواڻن مان حيدر عاڌباس رضوي واضع طوور تي نظر اچي رهيو آهي. جيڪو هڪ جديد قسم جو هٿيار هلائيندي نظر اچي ٿو.

مختلف ٽي وي چئنلز تي هليل ان وڊيو سان گڏ ڪجھ تصويرون به جاري ڪيون ويون آهن جن ۾ رشيد گوڊيل ۽ ٻيا نظر اچي رهيا آهن.

ميڊيا رپورٽس مطابق راولپنڊي جي نجي هائوسنگ سوسائٽي ۾ موجود ٺڪاڻي ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن جي ڳجهي نيٽ ورڪ جي اڳواڻن ۽ روپوشن کي سهولت جي فراهمي جو انڪشاف ٿيو آهي، خانگي ٽي وي موجب ايم ڪيو ايم جي ڳجهي نيٽ ورڪ جي باري ۾ وڌيڪ انڪشاف سامهون اچي ويا آهن، سوسائتي جو سي اي او فائرنگ رينج ۾ پارٽي عهديدرن کي فائرنگ جي سکيا به ڏيندو هو، ذريعن موجب راولپنڊي جي خانگي هائوسنگ سوسائٽي ۾ رينجرز ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي هئي، سوسائٽي جي آفيس مان نيٽو جو اسلحو، دستي بم ۽ ٻيو سامان هٿ آيو هو، ايف آءِ اي موجب رينجرز جي ڇاپي دوران هٿ ڪيل اسلحو دهشتگردي جي لاءِ استعمال ٿيڻو هو، ذريعن موجب ايم ڪيو ايم لنڊن جي حيدر عباسي رضوي ۽ ٻين انهي ڳجهي ٺڪاڻي ۾ ڪيترائي ڏينهن پناهه به ورتي هئي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *