Thursday , March 28 2024

ايم ڪيو ايم اڳواڻ فروغ نسيم جي عدليا ۽ حڪومت خلاف سازشون سٽِڻ جو انڪشاف

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس ۾ انور منصور خان پاران اٽارني جنرل جي حيثيت ۾ موقف فروغ نسيم جي مرضي سان پيش ڪيو ويو

ڪراچي (چيف رپورٽر آفاق ڀٽي   سنڌسماءَچار) ايم ڪيو ايم اڳواڻ ۽ قانون وارو وزير پي ٽي ءِ جي حڪومت کي بدنام ڪرڻ لاءِ ٽڪساٽ سٽي رهيو آهي، ذريعن موجب سپريم ڪورٽ جي ججز کي قاضي فائز عيسيٰ واري ڪيس ۾ بدنام ڪرڻ واري عمل پويان به سندس ئي سازشي سوچ شامل آهي. سپريم ڪورٽ جي جج، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس دوران عهدي تان استعيفيٰ ڏيندڙ اٽارني جنرل انور منصور خان پاران پيش ڪيل سرڪاري موقف ۽ ان بعد ان تان ڦري وڃڻ واري سڄي ماجرا پويان ايم ڪيو ايم ۽ ان جو اڳواڻ قانون وارو وزير فروغ نسيم آهي. ان سلسلي ۾ پاڪستان بار ڪائونسل به وفاقي وزير فروغ نسيم کي عدليه کي بدنام ڪرڻ جو ماسٽر مائينڊ قرار ڏيندي کائنس فوري طور استعيفيٰ يا عهدي تان هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پي بي سي مستعفي اٽارني جنرل انور منصور خان پاران پنهنجي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيل مواف تي غير مشروط معافي لاءِ جمع ڪرايل لکت واري بيان جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته انور منصور خان جو اهڙو قدم مثبت لاڙن کي جنم ڏيندو. ڪائونسل انور منصور جي استعيفيٰ ۽ غير مشروط معافي جي آجيان به ڪئي آهي. پاڪستان بار ڪائونسل قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم کي فوري طور تي عهدي تان هٽائڻ جو مطالبو ڪيو هي. پاڪستان بار ڪائونسل جي هڪ پريس بيان ۾ به چيو ويو آهي ته، انور منصور موجب تڪراري بيان بابت حڪومت ۽ واڳيل شخصيتن کي خبر هئي، عدليه کي بدنام ڪرڻ جو ماسٽر مائينڊ فروغ نسيم آهي ۽ هُن سدائين غيرجمهوري قوتن لاءِ ڪم ڪيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *