Saturday , April 20 2024

ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز دلچسپي نه ورتي، تيل ڪمپنين کان ملندڙ فنڊز خرچ ڪرڻ لاءِ منصوبابندي ئي نه ٿي

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) مختلف ضلعن ۾ تيل ڪمپنين پاران ملندڙ فنڊز مان ترقياتي منصوبا جوڙڻ ۾ اڳڀرائي نه ٿي سگهي، سوشل ڊولپمينٽ ڪيٽيز ۾ شامل ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز پاران دلچسپي نه وٺڻ سبب معاملو روڙلي جي ور چڙهي ويو، لڳ ڀڳ 2 مهينا گذري وڃڻ باوجود اڪثر ضلعن اندر ڪميٽين جا اجلاس به نه ٿيا، ذريعن جو چوڻ آهي ته، چيف سيڪريٽري جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ اڪثر ڊي سيز رٿابندي بابت مطمئن ڪندڙ رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار، چيف سيڪريٽري پاران سمورن ڊي سيز کي سوشل ڊولپمينٽ ڪميٽيز کي فعال ڪري فنڊز صحيح استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪري ڪميٽيز جو باقائدگي سان اجلاس سڏائڻ جي به هدايت ڪئي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن کان پوءِ وڏي وزير سيد  مراد علي شاهه پاران سنڌ جي 22 ضلعن لاءِ چونڊيل عوامي نمائندن تي مشتمل سوشل ڊولپمينٽ ڪميٽيز جوڙيون هيون. لڳ ڀڳ 2 مهينا گذرڻ باوجود اڪثر ضلعن جي ڪميٽين جو هڪ به اجلاس ٿي ناهي سگهيو. اڱاري ڏينهن سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه جي صدارت هيٺ سوشل ڊولپمينٽ ڪميٽز جي اڳڀرائي 22 ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرز جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.

ان سلسلي ۾ ذريعن کانwwwisindhsamaachar.com  کي معلوم ٿيو آهي ته، اڪثر ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرز پاران ڄاڻايل ڪميٽي جو اجلاس نه ٿيڻ جو ٻڌايو ويو. ذريعن جي دعويٰ موجب ڪميٽين ۾ شامل چونڊيل عوامي نمائندا؛ ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز ان سلسلي ۾ سهڪار نه پيا ڪن. اجلاس بابت مليل ڄاڻ مطابق، اڪثر ڊي سيز پاران شڪايت ڪئي وئي ته سندن ڪوششن باوجود ڪميٽين ۾ شامل چونڊيل عوامي نمائندا گڏجاڻيون ڪرڻ ۽ منصوبا جوڙڻ لاءِ صلاح مشورن وقت ئي نه ٿا ڏين. اجلاس ۾ شريڪ هڪ ڊپٽي ڪمشنر نالو نه لکڻ جي شرط تي  wwwisindhsamaachar.com کي ٻڌايو ته، اجلاس ۾ هڪ ڊي سي ٻڌايو ته، سندس ضلعي جي ڪميٽي ۾ شامل ايم پي اي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ٽائيم ڏئي اجلاس ۾ نه آيو، جنهن مان لڳي پيو ته ان کي هن معاملي سان دلچسپي نه آهي. سوشل ڊولپمينٽ ڪميٽيز ۾ شامل ڊي سيز جي ڪي پنهنجي پنهنجي ضلعي جي ڪميٽي جا سيڪريٽري آهن، انهن مان 10 ضلعن کانسواءِ ٻين ضلعن جي ڊي سيز اجلاس دوران چيف سيڪريٽري کي پنهنجي طرفان تيل ۽ گئس ڪمپنين پاران ملندڙ فنڊز خرچ ڪرڻ بابت آگاهي ڏني، ته اُهي فنڊز ڪهڙن شعبن ۾ ۽ ڪٿي خرچ ڪرڻ جي ضرورت آهي. ذريعن اها به دعويٰ ڪئي ته انتظامي سطح تي ڪجهه ڊي سيز ان ڳالهه کان اڻ ڄاڻ محسوس ٿيا ته ڪميٽي ۾ سندن ڪردار ڪهڙو هوندو. اجلاس بابت مليل ڄاڻ مطابق چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه سمورن ڊي سيز کي هدايت ڪئي آهي ته، اُهي پنهنجي پنهنجي ضلعي جي سوشل ڊولپمينٽ ڪميٽي جو فوري طور تي اجلاس گهرائي، فنڊز خرچ ڪرڻ لاءِ ترقياتي منصوبا جوڙي جلد کان جلد ڪم شروع ڪيو وڃي، جيئن عوامي ڀلائي جا منصوبا شروع ڪري وقت اندر مڪمل ڪيا وڃن. چيف سيڪريٽري ڊي سيز کي اها به هدات ڪئي آهي ته، ڪميٽيز جو اجلاس باقائدگي سان سڏايو وڃي ۽ بنا ڪنهن متڀيد جي منصوبا جوڙڻ انهن جي نگراني ڪئي وڃي جيئن اهي وقت تي مڪمل ٿي سگهن ۽ عوام لاءِ لاڀائتا ثابت ٿي سگهن.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *