Friday , March 29 2024

ايف بي آر جي ڪارروائي، ٽئڪس ادا نه ڪر ڻ تي سنڌ حڪومت مختلف کاتن جا اڪائونٽس سيل

ڪراچي ( رپورٽر   سنڌسماءَچار) فيڊر بورڊ آف روينيو ٽئڪس ادا نه ڪرڻ تي چيف منسٽر سيڪريٽريٽ سميت اڪثر ادارن جا بئنڪ اڪائونٽس سيل ڪري ڇڏيا آهن، ايف بي آر جو چوڻ آهي ته ٽئڪس رهتون اوڳاڙڻ بعد کاتا ٻيهر کولي ڇڏينداسين. ايف بي آر ڪارروائي ڪندي ٽئڪس ادا نه ڪرڻ جي الزام هيٺ سنڌ حڪومت جي تعليم، ناڻي، ايم ڊي اي، ايل ڊي اي ۽ مختلف ضلعن جي ڊي ايم سيز جا به بئنڪ اڪائونٽس سيل ڪيا ويا آهن. ايف بي آر اختيارين جو چوڻ آهي ته، لياري ڊيولپمنٽ اٿارٽي، ملير ڊيولمپنٽ اٿارٽي، ٿر ڪول اٿارٽي، جا اڪائونٽس سيل ڪيا ويا آهن.

ايف بي آر جو چوڻ آهي ته، تعليم کاتي ۽ چيف منسٽر سيڪريٽريٽ ڏانهن ٽئڪس جي مد ۾ وڏي رقم رهيل آهي، انڪري ئي کاتا بند ڪيا ويا آهن، رهتون حاصل ڪري کاتا کولي ڇڏينداسين. ايف بي آر جو چوڻ آهي ته سنڌ جي ناڻي کاتي جي اڪائونٽ مان 60 ڪروڙ رپيا سڌي ريت ڪاٽي ڇڏيا آهن. ايف بي آر موجوب سنڌ ڪول اٿارٽي جي اڪائونٽ مان به 14 ڪروڙ 50 لک رپين جي ڪٽو تي ڪئي وئي آهي. ايف بي آر جي ذريعن مطابق  سنڌ حڪومت ڏانهن رهتن جي مدد ۾ 4 ارب رپيا رهيل آهن، ادائيگين کانپوءِ  اڪائونٽس کي کوليو ويندو.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *