Friday , April 19 2024

ايف آءِ اي زرداري گروپ آف ڪمپنيز ۽ ڊي بلوچ بابت سنڌ حڪومت کان تفصيل گهري ورتا

ڪراچي( رپورٽ اصغر آزاد: سنڌسماءَچار) سمٽ بئنڪ ۾ ڪوڙن بئنڪ کاتن ذريعي مني لانڊرنگ ذريعي اربين رپيا غير قانوني طريقي سان پرڏيهه موڪلڻ واري ڪيس ۾ معاملا وڌيڪ پڌرا ٿيڻ جو امڪان آهي، ايف آءِ اي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، سنڌ حڪومت جي اهم منصوبن جا ٺيڪا حاصل ڪندڙ ڊي بلوچ ڪنسٽرڪمپني سميت 20 ڪمپنين بابت معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ ايف آءِ اي پاران سنڌ حڪومت سان به رابطو ڪيو ويو آهي ۽ سمورن صوبائي کاتان بابت معلومات گهري ورتي آهي. مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ جاري آهي، ايف آءِ اي سنڌ جي سمورن کاتن کي خط لکي زرداري گروپ آف ڪمپنيز پرائيوٽ ليمٽيڊ سميت 20 ڪمپنين جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. ايف آءِ اي سنڌ جي مڙني سرڪاري کاتن کي خط لکيو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته زرداري گروپ آف ڪمپنيز پرائيوٽ ليمٽيڊ، ڊي بلوچ سميت 20 ڪمپنين جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن. ايف آءِ اي جي خط ۾ چيو ويو آهي ته 2008ع کان 2016ع تائين زرداري گروپ آف ڪمپنينز پرائيوٽ ليمٽيڊ، ڊي بلوچ سميت 20 ڪمپنين کي جاري ٿيل ٽينڊرز ۽ ٺيڪن جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن. ايف آءِ اي خط ۾ ڄاڻايو آهي ته ڄاڻايل ڪمپنيز جا تفصيل گهرڻ جو مقصد اربين روپين جي مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ کي اڳتي وڌائڻو آهي.

ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ، اومني گروپ جا اڪائونٽ منجمد ڪرڻ بابت درخواست تي ڪارروائي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪندي ريمارڪس ڏنا آهن ته سپريم ڪورٽ جو حڪمنامو پڙهڻ بعد درخواست  تي فيصلو ٻڌايو ويندو. ڪراچي جي بئنڪنگ ڪورٽ ۾ اربين روپين جي مني لانڊرنگ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد سميت ٻين جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. ٻڌڻي جي شروعات ۾ اومني گروپ جي وڪيل اڪائونٽ منجمد ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي. اومني گروپ جي وڪيل ٻڌايو ته اڪائونٽ منجمد ٿيڻ سبب اومني گروپ جي ملازمن کي پگهارون ڏيڻ ۾ مسئلو ٿي رهيو آهي. ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر اومني گروپ جي درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ ان معاملي تي ٻڌڻي کان روڪيو آهي. بئنڪنگ ڪورٽ جي جج چيو ته سپريم ڪورٽ جي هدايتن کي به نظر ۾ رکي ڪارروائي اڳتي وڌائڻي آهي. اومني گروپ جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ حڪم جاري ڪرڻ کان روڪيو آهي، دليل ڏيڻ کان ناهي روڪيو. بئنڪنگ ڪورٽ جي جج چيو ته سڀ کان پهريان سپريم ڪورٽ جو حڪمنامو پڙهڻ بعد درخواست تي فيصلو ٻڌايو ويندو. ٻڌڻي دوران ڪارڊيو لاجي جو ڊاڪٽر پيش ٿيو، جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. عدالت ڊاڪٽر کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان جوابدار کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان ڪيئن ٿا روڪي سگهو؟. ڊاڪٽر جواب ڏنو ته انور مجيد جي طبعيت خراب هئي، تنهنڪري کيس عدالت ۾ پيش نه ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. جج ريمارڪس ڏنا ته اها عجيب ڳالهه آهي ته ڪيس ۾ نامزد جوابدار کي عدالت ۾ پيش نه ڪرڻ جو چيو ويو. بئنڪنگ ڪورٽ اومني گروپ ۽ ٻين ادارن جا اڪائونٽ منجمند ڪرڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *