Friday , April 19 2024

ايف آءِ اي جو انور مجيد جي اومني گروپ جي آفيس تي ڇاپو، اهم رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ويو،اهم گرفتارين جو امڪان

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد   سنڌسماءَچار) فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) جي اڳواڻي ۾ ڪراچي جي هاڪي اسٽيڊيم واري علائقي ۾ قائم اومني گروپ آف ڪمپنيز جي هڪ آفيس تي ڇاپو هڻي، ليپ ٽاپ، ڪمپيوٽر سسٽمز، فائيلز ۽ اهم رڪارڊنگز هٿ ڪري پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيون آهن، ذريعن جو چوڻ آهي تهڪارروائي دوران اومني گروپ جا اهم ذميوار عملدار به ايف آءِ اي جي ٽيم سان گڏ هئا، ايندڙ جمعي ۽ ڇنڇر جا ڏينهن انتهائي اهم آهن. ايف آءِ اي جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق ڪوڙن بئنڪ کاتن ذريعي مني لانڊرنگ ڪرڻ واري ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي ۽ ايف آءِ اي جي جاچ ٽيم، ڪيس ۾ گرفتار مک جوابدار ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي انتهائي ويجهي ساٿي انور مجيد جي اومني گروپ جي آفيس تي ڇاپو هنيو. ذريعن موجب، اومني گروپ آف ڪمپنيز جي اهم ۽ انور مجيد جا اعتماد وارا ملازم / آفيسرز ايف آءِ اي جي ٽيم سان گڏ موجود هئا. ايف آءِ اي جي جاچ ٽيم آفيس جي مڪمل جهڙتي ورتي. لڳ ڀڳ ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ ڪارروائي دوران، آفيس ۾ موجود انور مجيد جي مخصوص ڪمري جي پڻ جهڙتي ورتي وئي. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته انور مجيد جي آفيس واري ڪمري مان هڪ ليپ ٽاپ، هڪ ڪمپيوٽر سسٽم ۽ ڪجهه فائيلز هٿ ڪيا ويا، جن جي موقعي تي ابتدائي ڇنڊڇاڻ ڪري انهن کي تحويل ۾ ورتو ويو. مليل ڄاڻ مطابق ايف آءِ اي جي ٽيم اومني گروپ آف ڪمپنيز جي آفيس تي ڇاپي دوران آفيس ۾ لڳل ڪلوز سرڪٽ ڪئميراز(سي سي ٽي وي) ۽ ا نهن جي مڪمل رڪارڊنگ به تحويل ۾ ورتي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مني لانڊرنگ ۽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس جي جاچ ڪندڙ گڏيل جاچ ٽيم( جي آءِ ٽي) ۽ ايف آءِ اي جي جاچ ٽيم سان گڏ موجود اومني گروپ جي آفيسرز کان ڌار ڌار پڇاڳاڇا ۽ رڪارڊ هٿ ڪرڻ بابت معلومات پڻ حاصل ڪئي پئي وئي. ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات انتهائي اهم آهي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *