Friday , March 29 2024

ايف آءِ اي آصف زرداري جي دوست ۽ مشهور واپاري انور مجيد کي پٽ سوڌو گرفتار ڪري ورتو

اسلام آباد( رپورٽر   سنڌ سماءَ چار) سپريم ڪورٽ سمٽ جعلي اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالغني مجيد جي حفاظتي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، ايف آءِ اي ٻنهي کي گرفتار ڪري جاچ لاءِ ايف آءِ اي هيڊڪوارٽرز منتقل ڪري ڇڏيو آهي. انور مجيد جي ڪٽنب کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيف جسٽس چيو آهي ته عدالت نه گرفتاري جو، نه ئي وري گرفتاري کان روڪڻ جو ڪو حڪم ڏنو آهي، جيڪڏهن ايف آءِ  اي چاهي ته  جوابدارن کي گرفتار ڪري سگهي ٿي، اسان جي آءِ ٽي ٺاهي آهي، ڪنهن کي بحث ڪرڻو آهي ته ڀلي اچي ڪري، وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.  ان موقعي تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو ويجهو دوست ۽ اومني گروپ جو مالڪ انور مجيد ۽ سندس چار پٽ عدالت ۾ پيش ٿيا.  ٻڌڻي دوران عدالت انور مجيد جي وڪيل شاهد حامد جي گرفتار کان اڳ ضمانت واري درخواست جي استدعا رد ڪري ڇڏي.

ڪيس جي شنوائي دوران چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته  اسان نه گرفتاري جو حڪم ڏنو آهي ۽ نه گرفتاري روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي. جيڪڏهن ايف آءِ اي چاهي ته انور مجيد کي گرفتار ڪري سگهي ٿي، اهو انهن جو اختيار آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن آصف علي زرداري، فريال ٽالپر ۽ زين ملڪ ايف آءِ اي آڏو پيش ٿي سگهن ٿا ته پوءِ مجيد فيملي ڇو نه ٿي پيش ٿي سگهي. وڪيل شاهد حامد عدالت کي ٻڌايو ته انور مجيد ۽ ٻين جا نالا اي اسي ايل ۾ آهن، اهي ٻاهر نه ٿا وڃي سگهن، جنهن تي چيف جسٽس پڇا ڪئي ته انهن جا نالا ڪنهن اي سي ايل ۾ رکڻ جو چيو هو؟ ، جنهن جي جواب ۾ ڊي جي ايف آءِ اي چيو ته عدالتي حڪم ۾ موجود آهي ته  جوابدارن جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو وڃي. انور مجيد جي وڪيل عدالت کان استدعا ڪئي ته اسان کي وقت ڏنو وڃي، ان معاملي تي بحث ڪنداسين، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسان جي آءِ ٽي ٺاهي آهي، ڪنهن کي بحث ڪرڻو آهي ته ڀلي اچي ڪري. عدالت انور مجيد جي ڪٽنب کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ ۽ ايف آءِ آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. عدالت مان ٻاهر نڪرڻ تي ايف آءِ اي انور مجيد ۽ سندس پٽ عبدالغني مجيد کي عدالتي ڪمري مان گرفتار ڪري ورتو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *