Friday , April 19 2024

ايس ڊي او سيپڪو ڏهرڪي جي مبينا زيادتين خلاف علائقي واسين جو احتجاج

ghotki protest

گهوٽڪي (زوهيب ڪمال پٺاڻ – سنڌسماءَچار) سيپڪو ڏهرڪي جي  ايس ڊي او خلاف علائقي واسين دانهيدي چيو آهي ته، بااثر ماڻهن کي بجلي چوري جي سهولت ڏئي عام ماڻهن لاءِ آزار ڪيو ويو آهي.

ڏهرڪي جي ڀٽا پاڙي، ڪنڀرپاڙي، شيخ ۽ ڏهر پاڙي جي رهواسين ايس ڊي او ارشاد سيال جي مبينا زيادتين خلاف علائقي واسين احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاج ڪندڙن ميڊيا جي نمائندن آڏو دانهيندي چيو ته، سيپڪو عملدار علائقي جي بااثر ماڻهن کي بجلي چوري ڪري استعمال ڪرائڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهي، جنهن سبب لوڊشيڊنگ جو عذاب وڌي ويو آهي. احتجاج ڪندڙ واجد ڀٽو، عدنان، آصف،اصغر علي،مختيار ۽ ٻين چيو ته ايس ڊي او ارشاد سيال بجلي چوري جو استعمال روڪرائڻ ۽ بجلي چورن خلاف ڪارروائي بدران انهن سان ٻٽ بڻجي بي پهچ شهرين کي پريشان ڪرڻ بابت لاڳاپيل اختيارين کي ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪيون آهن پر ڪنهن به ان جو تدارڪ ناهي ڪيو.

اسين هر مهيني وپڊا جا ايندڙ بل ادا ڪندا آهيون جيڪي بل اسان وٽ ثبوت طور موجود آهن هنن ايس ڊي او تي الزام مڙهيندي چيو ته بل ادا ڪرڻ باوجود به ايس ڊي او ۽ واپڊا عملو منٿليون گهري رهيو آهي منٿلي نه ڏيڻ سبب گذريل ستن مهينن کان سندن علائقن جي ايل ٽي لائيٽس ڪٽيل آهن، جنهن سبب چوري جا واقعا به ٿين ٿا. هنن لاڳاپيل اختيارين، نيب ۽ اينٽي ڪرپشن کي اپيل ڪئي ته ڪرپٽ ۽ عوام کي آزاريندڙ اي ڊي او سيپڪو خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

        رانوئتي: اوٻاوڙو روڊ 8 سالن کان مڪمل نه ٿيو، ٺيڪيدار سالن کان گم

Ghotki road

راونتي (محمد بچل گهنڃون – سنڌسماءَچار) راونتي کان اوٻاوڙو ويندڙ رڊ  8 سال گذري وڃڻ باوجود به  مرمتي ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، علائقي واسين ٺيڪدار ۽ روڊس کاتي جي عملدارن خلاف احتجاجي مظاهرو نعريبازي ڪئي. احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي عبدالغفار گرگيج، اڪبر علي ڪوش، الحسني جماعت يوسي رانوئتي جي اڳواڻ فقير شير محمد گهنڃون ۽ ٻين چيو ته گذريل اٺن سال ٺيڪدار روڍ تي پٿر وڇائي گم ٿعي ويو آهي. هنن چيو ته روڊس کاتي جا عملدار ۽ ٺيڪيدارن ملي ڀڳت ڪري روڊ جي مرمت جا سمورا فنڊز هڙپ ڪري ڇڏيا آحن آحن پر روڊ جو ڪم مڪمل ناهي ڪرايو. رونتي واسين جو چوڻ هو ته روڊ جي حالت اهڙي آهي جو منٽن جو پنڌ ڪلاڪن ۾ به پورو نه ٿو ٿئي ۽ حادثا به معمول بڻجي ويا آهن. هنن نيب جي چيئرمين ۽ اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين کي اپيل ڪئي ته ٺيڪيدار ۽ روڊس کاتي جي عملدارن خلاف جاچ ڪري سندن علائقي جو رونتي-اوٻاڙو روڊ جو مرمتي ڪم مڪمل ڪرايووڃي.

About Asghar Azad

Check Also

خيرپور جي ڪچي مان شاگرد جو تشدد ٿيل لاش هٿ

خيرپور (خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنگري تعلقي جي ڳوٺ مگرجي واسي شاگرد جو ڪچي واري علائقي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *