Friday , April 19 2024

ايس يو پي خيرپور جي اين اي 209 تي پروفيسر ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ شر کي ٽڪيٽ ڏئي ڇڏي

فيض گنج /ڪراچي( اصغر آزاد     سنڌسماءَچار) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي خيرپور جي قومي اسيمبلي جي تڪ، اين اي 209 تي ٽڪيٽ جو فيصلو ڪندي پروفيسر  ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ شر کي نامزد ڪري ڇڏيو آهي. قومي اسيمبلي جو تڪ اين اي 209 ٺري ميرواهه، فيضگنج ۽ ناري وارن ٽن تعلقن تي مشتمل آهي. پروفيسر غلام مصطفيٰ شر روشن خيال، هيٺئين طبقي مان محنت تحقيق ۽ تعليم جي بنيادن تي هڪ اعليٰ مقام حاصل ڪيو. آثار قديمه ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري رکندڙ غلام مصطفيٰ شر سنڌ جي قديمي ماڳن تي ڪيترائي تحقيقاتي پيپرز ملڪي ۽ عالمي سطح تي پيش ڪري چڪو آهي. هن سکر ۽ ڪنڌرا جي وچ تي قديمي ماڳ لاکين جي دڙي کي ڳولي لهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان سان گڏوگڏ لاکين جي دڙي واري ايراضي تي پ پ پ جي بااثر اڳواڻن، سيد خورشيد شاهه جي سهڪار سان اسلام الدين شيخ ۽ ٻين جي قبضو ڪرڻ وارين سازشن کي ناڪام بڻائي قديمي ماڳ کي لينڊ مافيا کان بچائڻ به اڳواڻي وارو ڪردار ادا، جنهن جي پاداش ۾ کيس لطيف يونيورسٽي ۾ نوڪري دوران تمام گهڻيون تڪليفون برداشت ڪرڻيون پيون. انهن سمورين تڪليفن باوجود هن پنهنجي سنڌ دوستي ۽ اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي.

ايس يو پي پاران اين اي 209 تي نامزد ڪيل اميدوار غلام مصطفيٰ شر جي سامهون بيٺل ف ليگ ۽ پ پ جا اميدوار ڪيترائي ڀيرا قومي توڙي صوبائي اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي چڪا آهن، پر انهن هميشه ايوانن اندر خاموشي جي روايت برقرار رکڻ کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. هن تڪ تي 1970 جي چونڊن کان وٺي هيل تائين پهريون ڀيرو ڪو پڙهيل لکيل، روشن خيال، ترقي پسند ۽ هيٺئين وچولي طبقي مان محنت ۽ تعليم جي مدد سان پنهنجو مقام ٺاهيندڙ ڪو اميدوار اهڙن اميدوارن جي سامهون ٿي بيٺو آهي، جيڪي پنهنجي اليڪشن مهم به پنهنجي پئسن مان ناهن هلائيندا.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *