Friday , March 29 2024

ايس ايڇ او جي ڪرسي تي ٿيل قبضي جي ڪهاڻي..!! _ لجپت مالهي

zaid talpur1

اڳوڻو وفاقي وزير ۽ موجوده پ پ ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر مائٽيءَ ۾ نواب زيد ٽالپر جو سڳو چاچو آهي، ۽ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي جو ڀيڻويو آھي. نواب پير بخش ٽالپر جي لاڏاڻي کان پوءِ سندس ٻنهي پٽن نواب يوسف ٽالپر ۽ نواب زبير ٽالپر ملڪيت جي ورهاست ڪري هڪٻئي کان الڳ ٿي ويا. 1997ع ۾ لياقت خان جتوئي وڏو وزير ھيو، جنھن دوران زيد ٽالپر جو والد زبير خان ٽالپر وڏي وزير جو صوبائي صلاحڪار پڻ رھيو، جڏھن ته زيد ٽالپر آبادگار ھجڻ سان گڏ سياسي اثر رسوخ به رکي ٿو. هو 2008ع ۽ 2013ع ۾ پنھنجي سئوٽ ۽ موجوده صوبائي صلاحڪار نواب تيمور ٽالپر جي سامھون ٻه ڀيرا اليڪشن به وڙهي چڪو آهي. زيد ٽالپر سياسي حوالي سان سدائين لياقت جتوئي سان گڏ رھيو آهي ۽ تازو ئي جڏهن لياقت جتوئي پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ته ان دوران زيد ٽالپر به ٻيٽو جتوئيءَ ۾ ٿيل جلسي ۾ پي ٽي آءِ ۾ شموليت اختيار ڪئي. ڪنري ۾ ھميشه پاڻيءَ جي کوٽ رھي آھي، جنھن جو آواز اٿارڻ لاءِ نواب يوسف ٽالپر ۽ نواب زيد ٽالپر پاڻ ۾ مخالف ھوندي به عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ گڏ رھيا. تازو ئي نبي سر شاخ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ھجڻ ڪري مقامي آبادگار تي پاڻي چوري جو ڪيس داخل ٿيڻ جي نتيجي ۾ نواب زيد ٿاڻي تي پھچي احتجاج شروع ڪيو. مامرو سوشل ميڊيا تي اچڻ کانپوءِ پوليس کي پنھنجي ساک جو خيال آيو ۽ انهن مٿن دھشتگردي توڙي ڊيوٽي اٽڪاءُ سميت ٻيا ڪيس داخل ڪيا. زيد ٽالپر جي پٽ حسن ٽالپر کي ميرپورخاص جي دھشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ پيش ڪري سندس رمانڊ حاصل ڪيو ويو آھي.

سنڌ ۾ زرعي جنسن ۽ تيلي ٻجن جي اپت جي حوالي سان مشھور ڪنري شھر جو ھڪڙو حوالو اھو به آھي ته سوين سال پراڻو ھي شھر ڪشادن روڊ رستن توڙي خوبصورت نقشي سان ٺھيل سنڌ جي قديمي شھرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. ھتي ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڪنري مرچ منڊي موجود آھي. شاگرد سياست دوران جھدوجھد سبب مشھوري ماڻيندڙ چوٿين مارچ جو ھيرو نواب محمد يوسف ٽالپر جو ڳوٺ پڻ ڪنري تعلقي ۾ موجود آھي. اھڙي سياسي، سماجي ۽ معاشي ترقي واري پسمنظر رکندڙ شھر ڪنري ۾ موجود پوليس ٿاڻي تي جڏھن پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ مقامي آبادگار نواب زيد ٽالپر پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگارن ۽ مقامي شھرين سان گڏ پھتو ته ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي ويئي. ان دوران تازو پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪندڙ نواب زيد ٽالپر جذباتي ٿيندي ايس ايڇ او جي ڪرسي تي ويھي رھيو ۽ وڏي آواز سان احتجاج ڪندي چوندو رھيو ته، پاڻيءَ جو حق گھرندڙ آبادگارن خلاف ٿيندڙ انتقامي ڪاروايون بند ڪريو، داخل ڪيل ڪيس ختم ڪريو. ٽي آءِ جو رستو اختيار ڪندڙ نواب زيد ٽالپر انتقامي ڪاروايون بند نه ٿيڻ جي صورت ۾ پاڻمرادو گرفتاري ڏيڻ تي به زور ڀريندو رھيو. اھڙي صورتحال دوران ايس ايڇ او ڪنري تصور حسين جٽ پنھنجا پوليس اختيار استعمال ڪرڻ بجاءِ روايتي ھٿ جوڙ واري انداز ۾ معاملي کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر  معاملو وڌي ويو. سوشل ميڊيا توڙي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ ڇپيل خبرن، سامھون آيل تصويرن توڙي وڊيو ڪلپس ھڪ نئون پينڊورا باڪس کولي ڇڏيو. جنھن جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ پوليس اي ڊي خواجه فوري طور تي ڊي ايس پي ڪنري شير خان رند کي معطل ڪري ڇڏيو، جڏھن ته ايس ايڇ او تصور حسين جٽ کي نه رڳو معطل ڪيو ويو، پر کيس عھدي تان ھٽائي رورٽ به ڪيو.

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه جي نوٽيس وٺڻ بعد پي ٽي آءِ اڳواڻ نواب زيد ٽالپر ۽ سندس پٽ حسن ٽالپر سميت 6 ڄڻن خلاف ڪنري ٿاڻي تي ڊيوٽي اٽڪاءُ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيڻ جي الزامن ھيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو. ان کان پوءِ ايس ايس پي عمرڪوٽ عثمان اعجاز باجواه ڪراچيءَ جي ڊفينس واري علائقي ۾ ڇاپو ھڻي نواب زيد ٽالپر جي پٽ حسن ٽالپر کي گرفتار ڪري ڪنري ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو. پوليس پاران مک جوابدار ڄاڻايل نواب زيد ٽالپر ۽ ٻين جي گرفتاري لاءِ مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھنيا ويا آھن، پر نواب زيد ٽالپر جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي آھي. آزاد ذريعا ٻڌائين ٿا ته نواب زيد ٽالپر جو ٿاڻي تي پھچي ڪيل ورتاءُ کڻي غير واجب ۽ قانون جي خلاف ھجي، پر سندس ھمدرديون آبادگارن لاءِ جھدوجھد ڪرڻ ۽ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪرڻ واريون ھجڻ سبب مٿس داخل ڪيل ڪيس جي پويان سياسي انتقام واري عنصر کي به نظر انداز نٿو ڪري سگھجي.
جيتوڻيڪ ايس ايڇ او تصور حسين جٽ کي وڏيري آڏو ھٿ ٻڌڻ ۽ ڪمزور پوليس آفيسر ثابت ٿيڻ تي ھٽائي سندس جاءِ عاطف شاھ کي ته ڪنري ٿاڻي تي مقرر ڪيو ويو آھي، پر وڏيري جي پٽ جي گرفتاري واري ٽيم ۾ معطل ٿيل ايس ايڇ او تصور جٽ به شامل رھيو. پوليس اختيارين ڪنري ۽ شادي پلي ٿاڻن تي تبديليون آنديون، ڇاپن جو به سلسلو شروع ٿيو پر نواب زيد ٽالپر ائين کسڪي ويو، جو سندس ڪو ڏس پتو ئي ناھي.

شھر ۾ موجود پي ٽي آءِ مخالف پ پ ڪارڪنن جشن ملھايو ۽ ڪنري شھر ۾ گذريل ٽن ڏينھن کان نواب زيد ٽالپر واري مامري تي بحث ھلندڙ آھي ته ھاڻي نواب زيد ٽالپر واري معاملي جو انت ڪٿي ٿيندو؟ آبادگارن جي پاڻي کوٽ خلاف ھلندڙ جھدوجھد وڌيڪ تيز ٿيندي يا ماٺي ٿي ويندي؟ ھوڏانھن پي ٽي آءِ جي مرڪزي قيادت نوٽيس ورتو آھي ۽ ھن معاملي کي انتقامي ڪارروائي قرار ڏنو آھي. ٻڌايو وڃي ٿو ته آءِ جي سنڌ پوليس اختيارين کي ھدايت ڪئي آھي ته معاملي جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي وڃي ته اھڙو واقعو ڇو پيش آيو؟ ان جا ظاھري توڙي اندروني ڪارڻ ڪھڙا آهن؟ ھن واقعي بعد ٻي ڪا تبديلي اچي نه اچي، پر ايترو ضرور ٿيو آھي، جو ايس ايس پي عمرڪوٽ جي ھدايتن تي عمرڪوٽ ضلعي جي سمورن پوليس ٿاڻن جي مک گيٽن، ٿاڻن ۾ موجود لاڪپن ۽ رڪارڊ روم جي سيڪيورٽي ۽ چوڪسي کي وڌيڪ سخت ڪيو ويو آھي. سمورن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز ۽ ضلعي اندر موجود سمورين پوليس چوڪين کي الرٽ رھڻ جا حڪم ناما جاري ٿيا آھن. ھن واقعي جا پيرا ڪٿي کٽندا؟ دادو جي جادو جو اثر ٿيندو يا ٻيٽي جتوئي جي نياپن جا ڪي اثر ٿيندا؟ ان بابت ڪجھ نٿو چئي سگھجي، البت چوڻ وارا اھو ضرور چون ٿا ته ھن ڪيس ۾ وڏيرن خلاف ڪا خاص ڪارروائي نه ٿي سگھندي، ڇاڪاڻ جو اڪثر ائين ٿيندو رھيو آھي.

About Asghar Azad

Check Also

داسو هائڊور پاور ۽ سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو – اصغر آزاد

سنڌو درياءَ کي ڏنل ڦاهو–اصغر آزاد داسو ڊيم جي تجويز 2001 ۾ منظور ڪئي وئي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *