Friday , April 19 2024

ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل جي باڪمال ڪارڪردگي،رمشا قتل ڪيس ۾ دهشتگردي ايڪٽ شامل نه ڪيو

خيرپور(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) ڪنب ٿاڻي تي داخل ڪرايل رمشا قتل ڪيس جي داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن تحت ئي گرفتار جوابدار ذوالفقار وساڻ کي عدالت ۾ پيش ڪري 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ حاصل ڪيو ويو آهي. رمشا وساڻ جي قتل ڪيس جي ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي جي، اينٽي ٽيررزم ايڪٽ (سيون اَي ٽِي اَي) تحت قلم لڳايا ئي ناهن ويا.

دهشتگردي جا قلم  شامل نه ڪرڻ سان دعيت يا راڄوڻي واري معاملي کي هٿي ملي سگهي ٿي. گذريل ڏينهن گرفتار ڪيل ذوالفقار عرف زلو وساڻ کي خيرپور پوليس جڊيشل مئجسٽريٽ ڪوٽڏيجي جي عدالت آڏو ذوالفقار وساڻ کي رمشا قتل ڪيس ۾ پيش ڪيو. پوليس عدالت کي جوابدار جي 14 ڏينهن لاءِ رمانڊ جي درخواست داخل ڪئي، جڏهن ته عدالت پوليس جي درخواست رد ڪندي ذوالفقار وساڻ کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته خيرپور پوليس ناري رمشا وساڻ جي قتل ڪيس جي مُک ڪردار ذوالفقار وساڻ کي گذريل ڏينهن گرفتار ڪيو هو. ذوالفقار وساڻ رمشا کان اڳ به 4 قتل ڪيا هئا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *