Friday , March 29 2024

ايران پاڪستان سميت خطي ۾ وڏو قدم کڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ايران خطي ۾ چين، پاڪستان ۽ روس سان گڏجي نئون 5 ملڪي بلاڪ جوڙڻڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

ايراني سفير محمد علي حسيني ۽ ناڻي وارو صلاحڪار حفيظ شيخ

اسلام آباد (خاص نمائندو سنڌسماءَچار نيوز) ايران خطي ۾ هڪ نئون بلاڪ جوڙڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. اسلام آباد ۾ اسٽريٽجڪ اسٽڊيز  انسٽيٽيوٽ  ۾ ايراني انقلاب جي 41 هين سالگرهه جي مناسبت سان اسلام آباد ٿيل تقريب کي خطاب دوران ايران جي پاڪستان ۾ مقرر سفير محمد علي حسيني خطاب ڪندي چيو ته، خطي ۾ موجود معاشي بحران سميت ٻين معاشي مسئلن جي حل ۽ معيشت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان ۽ ايران سميت خطي جي پنجن ملڪن تي مشتمل هڪ ڌار ۽ نئون بلاڪ جوڙيو وڃي. ايراني سفير اهڙي تجويز پيش ڪندي چيو ته، پاڪستان، ايران، ترڪي، چين ۽ روس گڏجي خطي جي بهتر مستقبل لاءِ هڪ مضبوط ۽ دنيا ۾ اثر رکندڙ بلاڪ جوڙڻ جي مڪمل صلاحيت رکن ٿا. محمد علي حسيني جو چوڻ هو ته، پنهنجا مسئلا حل ڪرڻ ۽ خطي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تهران ۽ اسلام آباد کي پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ ويجهو آڻي انهن کي مضبوط ڪرڻ گهرجي. ايراني سفير پنهنجي تقرير دوران اسلامي سهڪاري تنظيم ( او آءِ سي) کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته، بدقسمتي اها آهي ته ، چند ملڪن جي ڪردار سبب او آءِ سي مسلم ملڪن ۽ مسلم امت جي مسئلن جي حل ۽ مقصدن جي حل لاءِ فيصلائتو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ ڪارگر ناهي رهي، هن خبردار ڪندي چيو ته اسرائيل مسلمان ملڪن خلاف عالمي سطح جي هڪ نئين ايجنڊا تي ڪم ڪرڻ لاءِ خاموشي سان سرگرميون وڌائي ڇڏيون آهن، جيڪي ايندڙ ٿوري وقت اندر منظر تي اچي وينديون. ايراني سفير محمد علي حسيني خطاب ڪندي چيو ته مسلم دنيا جي اڳواڻن کي مختلف فورمز جي اجلاسن ۽ ملاقاتن دوران فلسطين جي مسئلي کي پٺ تي رکڻ نه گهرجي.

ديواني جي خواب جهڙو نماڻو عرض– اصغر آزاد

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *