Friday , March 29 2024

ايران سعودي عرب ڏانهن دوستي جو هٿ وڌائي ڇڏيو

تهران (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايران پنهنجي روايتي ۽ نظرياتي مخالف سعودي عرب سان دوستي جو هٿ وڌائڻ جو ڏکيو فيصلو ڪري ورتو آهي. ايراني ميڊيا موجب صدر حسن روحاني عالمي ميڊيا ۽ سفارتي ذريعن معرفت دوستي جو هٿ وڌائڻ جو پيغام ڏئي ڇڏيو آهي. ايراني ميڊيا موجب، ايران جي صدر حسن روحاني هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيوته، اسان ايران سان هلندڙ ٻيا سمورا تڪرار هڪ پاسي رکي دوستي ڪري سگهون ٿا پر جيڪڏهن سعدي عرب جا حڪمران يمن ۾ جاري پنهنجو فوجي آپريشن بند ڪري ۽ اسرائيل سان سمورا لڳ لاڳاپا مڪمل طور تي ختم ڪري ڇڏي. ايراني صدر حسن روحاني جو چوڻ هو ته هُو ايران سان ٻيا سمورا اختلاف وسارڻ لاءِ تيار آهي پر صرف سعودي عرب صرف سندس ٻه شرط قبول ڪري. هن چيو ته علائقي جي مخالفن جا لاڳاپا سٺا به ٿي سگهن ٿا پر ان لاءِ ضروري آهي ته سعودي عرب انهن ٻن ڳالهين تي عمل ڪري.

About Asghar Azad

Check Also

نيٺ طالبان محمد حسن اخوند جي سربراهي ۾ حڪومت جوڙي ورتي

طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *