Friday , March 29 2024

”ايترو سَهنجو بدلي نه ٿيندس“ آءِ جي سنڌ ڪليم امام

منهنجي خلاف سازش ٿي آهي، ايترو سَهنجو بدلي نه ٿيندس: آءِ جي سنڌ ڪليم امام

ڪراچي( رپورٽر    سنڌسماءَچار) آءِ جي سنڌ ڪليم امام پنهن جي خلاف وڏي سازش ٿيڻ جي دعوي ڪندي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته، سندس بدلي واريون خبرون گرم آهن، پر مان ايترو سَهنجو/سولائي سان بدلي نه ٿيندس. سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ يادگار شهداءَ جي تقريب کي خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ ڪليم امام چيو ته، سندس خلاف وڏي سازش ٿي آهي ۽ سندس بدلي واريون ڪوششون به ان سازش جو حصو آهن. تقريب کي خطاب ڪندي ڪليم امام چيو ته، اڄوڪي تقريب کي ائين ڪري پيش ڪيو پيو وڃي ته جهڙوڪ هيءَ منهنجي آخري يا الوداعي تقريب آهي. سنڌ پوليس جي سربراهه جو چوڻ هو ته، ”منه نجي بدلي جي خواهش ڪئي پئي وڃي پر مان ايترو سَهنجو (آساني سان) بدلي نه ٿيندس، جيڪڏهن بدلي ٿي به ته وري ڪا اهم ذميواري ڏني ويندي“. هن چيو ته سندس خلاف وڏي سازش ٿي آهي، آءِ جي سنڌ جي سازش ٿيڻ واري بيان کانپوءِ سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس ۾ ڳڻتي واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *