Thursday , April 25 2024

اوٻاڙو ۾ سيلرا ۽ شر برادرين ۾ جهيڙو،ٽن زندگين جا وسامي ويا،وڏي حاڃي جو امڪان، پوليس خاموش

گهوٽڪي (خاص نمائندو  سنڌسماءَچار) اوٻاوڙو ڪچي واري علائقي ۾ سيلرا ۽ شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ خوني تڪرار ٻيهر ڪر کڻندي ئي 3 انساني جانين جا ڏيئا اجهائجي ويا، رونتي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٻنهي برادرين جا ماڻهو مورچابند ٿي ويا، علائقي واسي عذاب پئجي ويا، گهوٽڪي پوليس خاموش تماشائي بڻيل، وڏو حاڃو ٿيڻ جو خدشو برقرار. اوٻاوڙي ڀرسان ڪچي واري علائقي ۾ سيلرا ۽ شر برادري جي ٻن ڌُرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار هڪ ڀيرو وري ڪَرُ کنيو آهي، جمعي ڏينهن ٻنهي ڌرين جي هٿياربندن ۾ آمهين سامهين فائرنگ دوران سيلرا برادري جي ٽن ڄڻن جي زندگين جا ڏيئا اجهايا ويا. راونتي ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ سيلرا ۽ شر برادري جي ٻن ڌُرين ۾ خوني تڪرار ٻيهر ڪَر کنيو آهي. ڳوٺ محبوب سيلرو ۾ هٿيابندن حملو ڪري سيلرا برادري جي ڌُر سان واسطو رکندڙ ٽن ڳوٺاڻن کي قتل ڪري ڇڏيو. مارجي ويلن ۾ الهه بچايو سيلرو، جيوڻ سيلرو ۽ عبدالرسول سيلرو شامل آهن. فائرنگ ۾ هڪ ڳوٺاڻو خير محمد سيلرو زخمي ٿي پيو آهي.

واقعي کانپوءِ ڌُرين ۾ هڪ ڀيرو وري تڪرار تيز ٿي ويو آهي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته، اوٻاوڙو، رونتي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رهندڙ سيلرا ۽ شر برادري جا ماڻهو مورچابند ٿي ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ سڄي علائقي ۾ خوف وارو ماحول پکڙجي ويو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو شرن ۽ سيلرن جي جهيڙيندڙ ماڻهن پر ٻنهي ڌرين جا اُهي ماڻهو جيڪي اهڙن تڪرارن جي خلاف آهن ۽ سندن تڪرار سان ڪو به واسطو نه آهي اُهي به خوف ۾ وٺجي ويا آهن. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته، هن تڪرار سان ميٽرڪ جي هلندڙ امتحانن تي به اثر پوڻ جو انديشو آهي. ٻئي پاسي گهوٽڪي پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *