Tuesday , April 23 2024

اومني ڪيس جي شاهدن کي پوليس پاڻ اغوا ڪرائي رهي آهي: جسٽس اعجاز الاحسن

اسلام آباد(خاص نمائندوسنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۾ جي آءِ ٽي کي جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻن هفتن جي مهلت ڏيندي لاڳاپيل بئنڪن جي عملدارن کي 17 نومبر تي طلب ڪري ورتو، عدالت ٻن شاهدن جي مبينا اغوا بابت درخواست تي آءِ جي سنڌ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته نمر مجيد کي به پيءُ سان گڏ بند ڪيو وڃي، ٻئي اندر ويهي صلاح مشورو ڪري مسئلي جو حل ڪڍن، نمر مجيد کي گرفتار ڪري کيس جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ايڊيشنل اٽارني جنرل نيئر رضوي ٻڌايو ته گڏيل جاچ ٽيم جي اومني گروپ جي بئنڪ اڪائونٽس بابت اڳڀرائي ٿي چڪي آهي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جي آءِ ٽي کي ٺهي 3 مهينا گذري ويا آهن ۽ جاچ ۾ سٺي اڳڀرائي ڪري رهي آهي. ٻڌڻي دوران جي آءِ ٽي جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ عدالت کان 15 ڊسمبر تائين مهلت طلب ڪئي، جنهن تي چيف جسٽس چيو جاچ ٽيم ٻن هفتن اندر رپورٽ جمع ڪرائي. ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الحسن چيو ته اومني گروپ تي مختلف بئنڪن جو 11 ارب رپين جو قرض آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اومني گروپ جي شگر ملز کي تحويل ۾ وٺون ٿا، انهن ماڻهن به قرض ورتو آهي. اومني گروپ جي وڪيل چيو ته بئنڪن سان گڏجاڻي ۾ سيٽلمينٽ ٿي وئي آهي، اومني گروپ بئنڪن کي ٻه شگر ملون ۽ ڪراچي ۾ پراپرتي ڏيڻ لاءِ تيار آهي. چيف جسٽس چيو ته هي پئسو بئنڪن جو ناهي، عوام جو  آهي، اومني گروپ جي هنڊي جا کاتا به ملي ويا آهن، لانچن تي جيتري رقم ٻاهر وئي آهي اها واپس ڪئي وڃي، فوجداري ڪيس ختم ٿي ويندا. ان موقعي تي منير ڀٽي جواب ڏنو ته اومني گروپ جا 3 ملين ۽ ڊفينس جي ملڪيت بينڪن کي ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، جنهن تي نيشنل بينڪ جي وڪيل نعيم بخاري چيو ته نيشنل بينڪ کي اهي شيون منظور نه آهن. ان موقعي تي اغوا ٿيلن جي وڪيل سردار اسلم ٻڌايو ته سندس ٻه شاهد غائب ڪيا ويا آهن، ٻئي ڄڻا ايف آءِ اي ۾ پيش ٿيڻ بعد غائب ٿي ويا آهن. جنهن تي چيف جسٽس جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ آءِ جي سنڌ کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته قرض وٺڻ لاءِ ڏنل مختلف سيڪيورٽيز هاڻ بينڪن ۾ موجود نه آهي. نمبر مجيد کي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي.

چيف جسٽس چيو ته نمر مجيد کي پيءُ سان گڏ بند ڪيو وڃي، هو اندر ويهي مسئلي جو حل ڪڍندا. جنهن تي نمر مجيد جواب ڏنو  ته هو شگر ملز جا معاملا ڏسندو آهيان. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته انور مجيد جي ٻئي پٽ عبدالغني مجيد کي اڊيالا جيل منتقل ڪيو وڃي، هو فون تي سڄي سنڌ کي ڊڪٽيشن ڏئي رهيو آهي. ٻڌڻي دوران گرفتاري جو ٻڌي نمر مجيد کي چڪر اچي ويا ۽ ٿاٻڙجي پيو، جنهن تي کيس وڪيلن سنڀالي ورتو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس نمر مجيد جي گهرواري ۽  والده کي روسٽرم تي گهرايو ۽ چيو ته اسان اوهان کي اڳ به گهرايو هو ۽ ڏاڍي عزت به ڏني هئي. چيف جسٽس نمبر مجيد جي گهرواري کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان منهنجي ڌيءُ جيان آهيو، اوهان کي گذارش آهي ته اوهان سهڪار ڪريو، معاملن ۾ هيٺاهين ۽ مٿاهين ٿي ويندي آهي، دولت رحمت هوندي آهي، ان کي زحمت نه بڻايو.  چيف جسٽس مسڪرائيندي چيو ته اسان کي خبر آهي ته اوهان جي گهر سامهون جيڪو گهر آهي، ان بابت به اسان کي خبر آهي، ان گهر ۾ جيڪو کڏو کوٽيو ويو آهي، ان جي به خبر آهي. چيف جسٽس چيو ته انهيءَ کڏي مان جيڪي ڪاغذ نڪتا آهن، انهن جي به خبر آهي، اسان کي هن ڪيس بابت گهڻي معلومات آهي. چيف جسٽس ايندڙ ٻڌڻي تي انور مجيد جي ٻئي پٽ عبدالغني مجيد کي  به پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. سپريم ڪورٽ جعلي بئنڪ اڪائونٽس ۾ جي آءِ ٽي کي جاچ مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻن هفتن جي مهلت ڏيندي لاڳاپيل بئنڪن جي عملدارن کي 17 نومبر تي طلب ڪري ورتو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *