Thursday , March 28 2024

اورماڙا سانحي ۾ ملوث بي آر اي جون تربيتي ۽ لاجسٽڪ ڪئمپس ايران ۾ آهن:شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته، بلوچ دهشتگرد تنظيمن جي اتحاد بي آر اي جون ايران ۾ تربيتي ڪئمپون آحن، انهن جي نشاندهي ڪري ايراني اختيارين کي تفصيل مهيا ڪيا پر ڪارروائي نه ٿي، اورماڙا سانحي ۾ به بي آر اي ملوث آهي، اميد ته ايران مثبت موٽ ڏيندو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، اورماڙا سانحي ۾ دهشتگردن مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي بزي ٽاپ ڀرسان دهشتگردن مسافر بسن کي روڪي ماڻهن کي لاهي سڃاڻپ ڪرڻ بعد انهن کي الڳ ب يهاريندا رهيا. پرڏيهي وزير چيو ته، دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جن ۾ 13 پاڪستان نيوي، 3 پاڪستان ايئرفورس ۽ هڪ پاڪستان ڪوسٽ گارڊ جو جوان شامل هو، انهن کي فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو.هن سانحي تي قوم سخت تڪليف مان گذري رهي آهي، ڇو ته جهڙي بيدردي سان سپاهين کي شهيد ڪيو ويو ان تي قوم کي ڪاوڙ ۽ ڏک آهي ۽ اهو معلوم ڪرڻ چاهي ٿي ته هي واقعو آخر ڇو پيش آيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ايراني دوري کان اڳ دهشتگردن پاڪستاني سرزمين تي حملو ڪري 14 ڄڻن کي شهيد ڪيو، 15 دهشتگرد ايران مان سرحد پار ڪري پهتا، کين ايف سي جي وردي پهريل هئي. سڀني کي خبر آهي ته بلوچ تنظيمن جي اتحاد بي آر اي واقعي جي ذميواري قبولي ورتي آهي ۽ سڀني کي خبر آهي ته دهشتگردن جو هڪ اتحاد سامهون اچي چڪو آهي.

پرڏيهيي وزير شاهه م حمود قريشي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته، هن واقعي کانپوءِ ثابت ٿي ويو آهي ته، دهشتگرد تنظيمن جو پاڻ ۾ اتحاد ٿي ويو آهي، ۽ هاڻي اُهي بي آر اي جي نالي سان ڪارروايون ڪري رهيا آهن، بي آر اي جون ايران ۾ تربيتي ڪئمپس ۽ محفوظ ٿاڪ موجود آهن، ان بابت تصديق ٿيل معلومات به ملي آهي، اسان اهڙي معلومات پاڙيسري ملڪ ايران سان شيئر ڪئي آهي ۽ مايد آهي ته ايراني حڪومت ان سلسلي ۾ مثبت ڪارروائي ڪندي. هن چيو ته اورماڙا سانحي ۾ ملوث دهشتگرد به ايران ۾ آهن ۽ ايراني سرحدن مان سندن مدد ڪئي وئي هئي. ايران کي پڪيون شاهديون مهيا ڪيون آهن ۽ اُميد ته ايراني سرڪار اُنهن تنظيمن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪندي. ايراني پرڏيهي وزير رابطي دوران جاچ ۾ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي. شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته پاڪستاني حڪومت نئين سئي سدرن ڪمانڊ جوڙي ورتي آهي، جنهن جو مرڪز بلوچستان جي علائقي تربت ۾ هوندو، افغانستان جيان ايراني سرحد تي به ڪنڊيدار تارون رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، 950 ڪلوميٽرز تي ٻڌل ايراني سرحد تي ڪُنديدار تارون رکيون وينديون.

شاهه محمود قريشي چيو ته اسان بنيا ثبوتن ۽ تصديق ٿيل ڄاڻ کانسواءِ ڀارتي روايت ورجائڻ نه ٿا چاهيون،انڪري معلومات جي مڪمل ڇنڊ ڇاڻ ۽ تصديق ڪرڻ کانپوءِ پنهنجو نقطئه نظر پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ هاڻي اسان وٽ ان سلسلي ۾ پڪيون ثاب تيون موجود آهن. هن چيو ته بلوچ دهشتگرد تنظيمن جي اتحاد بي آر اي جون تربيتي ۽ لاجسٽڪ ڪئمپس ايراني سرحد جي اندر موجود آهن. اميد آهي ته ايران ان سلسلي ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري مثبت موٽ ڏيندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *