Thursday , April 18 2024

لاهور ۾ ڪارروائي، هڪ دهشتگرد مارجي ويو، عورت کي حراست ۾ وٺي بارودي مواد هٿ ڪيو: آءِ ايس پي آر مقابلي بعد گرفتار ڪيل عورت حيدرآباد واسڻ شاگردياڻي نورين لغاري آهي: ذريعا

 Nooreen laghari1

مقابلي بعد گرفتار ڪيل عورت حيدرآباد واسڻ شاگردياڻي نورين لغاري آهي: ذريعا

لاهور جي پنجاب هائوسنگ سوسائٽي واري علائقي ۾ ڪارروائي دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو، آپگهاتي جيڪيٽ ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل هڪ پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، سيڪويرٽي فورسز هڪ ڳجهي ۽ پڪي اطلاع تي پنجاب ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو، آپريشن دوران هڪ دهشتگرد مارجي ويو، مارجي ويل دهشتگرد جي قبضي مان آپگهاتي جيڪيٽ ۽ ٻيو بارودي مواد هٿ ڪيو ويو آهي. دهشتگردن سان جهيڙيندي فورسز جا ٻه آفيسر ۽ هڪ جوان زخمي پڻ ٿيا آهن.

آءِ ايس پي آر موجب مقابلي دوران هڪ عورت کي حراست ۾ ورتو ويو، جڏهن آءِ ايس پي آر پاران ان عورت جو نالو ظاهر ناهي ڪيو ويو.

ان سلسلي ۾ ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته لاهور ۾ سيڪورٽي فورسز جي دهشتگرد خلاف ڪيل ڪارروائي دوران گرفتار ڪيل عورت، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو جي شاگردياڻي ۽ نورين لغاري آهي، جيڪا ڪجهه مهينا اڳ يونيورسٽي مان گهر ويندي پراسرار نموني گم ٿي وئي هئي.

ميڊيا رپورٽس موجب حيدرآباد مان اٽڪل 2 مهينا اڳ گم ڄاڻايل لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشوري جي شاگردياڻي نورين لغاري کي لاهور جي علائقي مان مقابلي بعد فورسز حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جنهن سان هڪ نوجوان به گڏ آهي.

nooreen mother

ان حوالي سان اعتبار جوڳن ذريعن ٻڌايو ته لاهور جي ڊفينس واري علائقي کي لڳندڙ پنجاب هائوسنگ سوسائٽي ۾ ڪالهه فورسز ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، هڪ گهر ۾ موجود دهشتگرد علي طارق مارجي ويو، جڏهن ته گهر مان شاگردياڻي نورين لغاري ۽ هڪ نوجوان کي حراست ۾ ورتو ويو. نورين لغاري سان گڏ حراست ۾ورتل نوجوان شڪل صورت ۾ پختون يا وري ازبڪ لڳي رهيو آهي، جنهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

ذريعن ٻڌايو ته نورين لغاري ۽ نوجوان کي لاهور جي رهواسي علي طارق 2 مهينا اڳ مسواڙ تي گهر وٺي ڏنو هو، جيڪو مارجي ويل دهشتگردن جو سهولتڪار ٻڌايو پيو وڃي. سيڪيورٽي ادارن کي واقعي واري هنڌ تان نورين لغاري جي والد سنڌ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار لغاري جي سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪاپي به ملي آهي، اهڙي واقعي بعد جبار لغاري کي فون ڪري لاهور گهرايو ويو آهي.

ذريعن موجب جنهن گهر ۾ نورين لغاري ترسيل هئي، اهو 2 مهينا اڳ مسواڙ تي ورتو ويو هو، ذريعن ٻڌايو ته جنهن علائقي ۾ اهو واقعو پيش آيو آهي، اهو لاهور جي فيڪٽري ايريا پوليس ٿاڻي جي حد آهي، ان حوالي سان پوليس اڃا ڪا تصديق نه ڪئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي فائرنگ ۾ هڪ ميجر سميت فورسز جا 2 آفيسر ۽ 4 ڪمانڊوز زخمي ٿيا آهن، ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته نورين لغاري فورسز تي اڌ ڪلاڪ تائين فائرنگ به ڪئي.

لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ٻئي سال ۾ پڙهندڙ نورين لغاري 10 فيبروري تي حيدرآباد کان لاهور رواني ٿي هئي، سندس وارثن حيدرآباد جي حسين آباد ٿاڻي تي فيبروري مهيني ۾ گمشدگي جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي هئي. ان عرصي دوران نورين لغاري بابت مختلف رپورٽون اينديون رهيون، ذريعن موجب اها به ڳالهه سامهون آئي ته هوءَ داعش ۾ شامل ٿي وئي آهي، پر ان جي گهر وارن ترديد ڪئي.

سندس والد ڊاڪٽر عبدالجبار لغاري سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ جو پروفيسر آهي، کيس لاهور گهرايو ويو آهي.

ان حوالي سان نورين لغاري جي ڀاءُ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون کي معاملي جي خبر ناهي، لاهور ۾ جيڪا عورت هٿ آئي آهي، ضروري ناهي ته اها نورين هجي، وڌيڪ منهنجي والد جبار لغاري کي خبر آهي، جيڪو شروع کان ئي معاملي کي ڏسي رهيو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *