Friday , April 19 2024

انڪوائريز اينڊ اينٽي ڪرپشن جو چيئرمين مقرر نه ٿيو، ٻن بيوروڪريٽس جو مقرري کان جواب

ڪراچي( رپورٽ: اصغر آزاد    سنڌسماءَچار) نئين سنڌ حڪومت جي قائم ٿيڻ باوجود اهم کاتي، انڪوائريز اينڊ اينٽي ڪرپشن اسٽبلشمينٽ جو چيئرمين مقرر ٿي ناهي سگهيو، ذريعن جو چوڻ آهي ته، سنڌ جي ٻن سينئر بيوروڪريٽس چيئرمين ٿيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي. اليڪشن کان اڳ سنڌ ۾ ٿيل مقررين ۽ بديلن واري مرحلي دوران پنجاب مان بدلي ٿي، انڪوائريز اينڊ اينٽي ڪرپشن اسٽبلشمينٽ جو مقرر ڪيل چيئرمين نفيس احمد خان جي 21 ڏينهن اڳ رٽائرٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ چيئرمين مقرر ٿي ناهي سگهيو. انڪوائريز اينڊ اينٽي ڪرپشن اسٽبلشمينٽ اهم کاتو هجڻ سبب ڪيترائي اهم معاملا رڪيل آهن. ان سلسلي ۾ سنڌسماءَچار کي وزيراعليٰ هائوس جي ذريعن کان مليل ڄاڻ مطابق، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، مختيار سومرو ۽ غلام قادر ٿيٻو کي ٻه کان وڌيڪ ڀيرا اينٽي ڪرپشن جو چيئرمين ٿيڻ لاءِ چيو آهي پر ٻنهي آفيسرز اهو عهدو وٺڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي.

ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته، انڪوائريز اينڊ اينٽي ڪرپشن اسٽبلشمينٽ وٽ انتهائي اهم نوعيت جي ڪيسن جي فهرست موجود آهي، جن مان ڪجهه ڪرپشن جا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ڪجهه جي انڪاورين/جاچ جي منظوري ڏيڻي آهي ۽ چيئرمين نه هجڻ ڪري اهي معاملا رڪجي ويا آحن. ڇا اهي سمورا ڪيس داخل ڪرڻ لازمي آهن؟ واري سوال جي جواب ۾ وزيراعليٰ هائوس جي ذريعن ٻڌايو ته، ضروري ناهي ته اهي ڪيس داخل ڪيا وڃن؛ اهو چيئرمين جو اختيار آهي ته ڪهڙن ڪيسن جي منظوري ڏئي ٿو ۽ ڪهڙن کي ملتوي ڪري ٿو. ذريعن موجب اُهي سمورا ڪيس آهن انتهائي اهم نوعيت جا ۽ چيئرمين کي اهي سمورا ڪيس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏيڻ ۽ انڪوائريز / جاچ جي منظوري ڏيڻي آهي. ان سلسلي ۾ جڏهن اينٽي ڪرپشن جي هڪ عملدار سان رابطو ڪيو ويو ته ان نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته،  ڪيس داخل ڪرڻ ۽ انڪوائريز لاءِ چيئرمين جي منظوري لاءِ جيڪي به ڪيس آهن اُهي فائيلز اهڙي نوعيت جا آهن جو جيڪي ڪيس داخل ڪرڻ جي منظوري لاءِ آهن اُهي داخل ڪرڻا ئي پوندا ۽ انڪوائريز/جاچ جي منظوري ڏيڻ لازمي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته، ايندڙ هڪ مهيني تائين جيڪڏهن سنڌ چيف سيڪريٽري کي تبديل ڪرڻ يا نه ڪرڻ وارو معاملو هڪ پاسي نه ٿو ٿئي ايستائين انڪوائريز اينڊ اينٽي ڪرپشن اسٽبلشمينٽ جو چيئرمين مقرر ٿيڻ ڏکيو عمل هوندو. ذريعن اها به دعويٰ ڪئي آهي ته سنڌ حڪومت جي اننتظاميا ۾ خاص طور تي سيڪريٽريز سطح تي اهي چئوٻول آحن ته سنڌ جو چيف سيڪريٽري تبديل نه ٿيندو ۽ ان سان گڏوگڏ ڪجهه کاتن جا موجوده سيڪريٽري به تبديل نه ٿيندا. ان جو مک ڪارڻ اهو آهي ته هيل تائين انهن کاتن ۾ ڪرپشن ۽ بدانتظامي سبب سرڪاري خزاني کي ٿيل اربين رپين جي گهاٽي جي ذميوارن خلاف پهريان انڪوائريز ۽ پوءِ انهن جي بنياد تي وڌيڪ ڪارروايون ڪرڻ آهي. ان لاءِ ممڪن آهي ته نيب ۽ ايف آءِ اي کان به مدد ورتي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

نيون تڪبنديون، سنڌ جي چئن ضلعن ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جون4 سيٽون گهٽجي ويون

ڊجيٽل آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي تي هنيل ڌاڙي ۽ پيپلزپارٽي جي اقتداري لالچ جا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *