Thursday , March 28 2024

انڊونيشيا ۾ سامونڊي طوفان تباهي مچائي ڇڏي، 370 کان واڌي ماڻهو اجل جو شڪار

جڪارتا (سنڌسماءَچار    مانيٽرنگ ڊيسڪ)  انڊونيشيا ۾ ٻرندڙ جبل ڦاٽڻ کانپوءِ آيل سنامي جي نتيجي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جو انگ وڌي 373 ٿي ويو آهي. سنامي خوفناڪ ويرون چڙهي اچڻ سبب 14 سئو 59 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. انڊونيشي اختيارين جو چوڻ آهي ته 128 ماڻهو اڃا تائين لاپتا آهن، جن جي ڳولا جاري آهي. اناڪ ڪراڪاتو نالي ٻرندڙ جبل اڃا تائين دُکي رهيو آهي ۽ ان مان لاوا نڪري رهيو آهي. ساحلي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جي وارننگ ڏيندي چيو ويو آهي ته ٻرندڙ جبل مان ڌماڪي سان لاوا نڪرڻ جي نتيجي ۾ ٻي سنامي به اچي سگهي ٿي. سنامي جي متاثر علائقن ۾ گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا وارو ڪم جاري آهي ۽ زخمين کي مختلف هنڌن تي هنگامي اسپتالون قائم ڪري طبي ۽ ٻي امداد به فراهم ڪئي پئي وڃي. نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ ايجنسي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ٻرندڙ جبل مان اڃا تائين رک ۽ دونهون پيو نڪري. ميڊيا سان ڳالهائيندي ترجمان چيو ته ساحلي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن. انڊونيشيا جي ميٽيورولاجي، ڪلائيموٽولاجي ۽ جيو فزيڪل ايجنسي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته اهي سڀ ٻرندڙ جبل تي نظر رکيو ويٺا آهن.

About Asghar Azad

Check Also

هُنن جي چاهڻ سان نه پر جڏهن مان چاهيان اليڪشن ٿيندي،معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي ( مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) “مان 14 سال جيل ۾ معاشيات جو وڏو مطالعو ڪيو …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *