Thursday , April 25 2024

انور مجيد جي ضمانت واري درخواست رد سندس ٽن پٽن جي عارضي ضمانت منظور

ڪراچي( رپورٽر سنڌسماءَچار) سنڌ هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ڪيس جي مک جوابدار انور مجيد جي ٽن پٽن جي 10-10 لک رپين عيوض عارضي ضمانت منظور ڪندي کين لاڳاپيل ٽرائل ڪورٽ سان رابطي جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، بئنڪنگ ڪورٽ انور مجيد جي جي ضمانت واري رد ڪندي شنوائي ملتوي ڪري ڇڏي. سمٽ بئنڪ ۾ مختلف بئنڪ کاتن ذريعي غير قانوني طريقي سان ڏوڪڙن جي ٻين کاتن ڏانهن منتقلي ۽ پئسا پرڏيهه موڪڻ واري ڪيس جي شنوائي بئنڪنگ ڪورٽ ۾ ٿي. ڪيس جي مک جوابدارن حسين لوائي ۽ طحٰه رضا پنهنجي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ معرفت ضمانت واري درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن تي عدالت فيصلو محفوظ ڪيو هو، بئنڪنگ ڪورٽ حسين لوائي جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي ٻنهي مک جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

سمٽ بئنڪ اسڪينڊل ۾ جوابدار ڄاڻايل حسين لوائي جي ٽن پٽن گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ حفاظتي واري درخواست جمع ڪرائي، جنهن تگي عدالت شنوائي ڪئي. انور مجيد جي پٽن ذولقرنين مجيد، علي مجيد ۽ نمر مجيد درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته، اُهي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ مٿن لڳايل اللزامن کي لاڳاپيل بئنڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ٿي قانون جي پوئواري ڪرڻ چاهين ٿا، کين اهو قانوني ۽ آئين حق ڏنو وڃي. هو عدالت آڏو پيش ٿيڻ چاهين ٿا پر کين ڊڄ آهي ته ايف آءِ اي گرفتار ڪندي. هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ کي درخواست ڪئي ته سندن ضمانت منظور ڪئي وڃي جيئن هُو ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿي سگهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽنهي درخواست گذارن جي ضمانت واري عرضي منظور ڪندي سندن 10-10 لک رپين جي ڏهن ڏينهن لاءِ عارضي ضمانت منظور ڪندي دروخاستن تي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ شنوائي ملتوي ڪري ڇڏي.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *