Wednesday , April 24 2024

انصاف نه مليو ته سپريم ڪورٽ آڏو پاڻ ساڙيندس: اُم رباب چانڊيو

16مهينن کان دربدر آهيان، عدالتن مان مايوس ناهيان پر جي انصاف نه مليو ته سپريم ڪورٽ آڏو پاڻ ساڙيندس: اُم رباب چانڊيو

ڪراچي ( سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) ميهڙ ۾ قتل ڪيل هڪ ئي ڪٽنب جي ٽن گهر ڀاتين جي ڪيس جي پوئواري ڪندڙ اُم رُباب چانڊيو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان آڏو پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ ڏيندي ڍيو آهي ته سورنهن مهينن کان رُلي رهي آهيان پر انصاف ٿيندي نظر نه پيو اچي،حيدر آباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ام رباب چانڊيو چيو ته، منهنجي ڏاڏي، والد ۽ چاچي جي قتل ۾ ملوث بااثر سردار اڃا تائين آزاد گهمي رهيا آهن ۽ مان انصاف لاءِ در در جا ڌڪا کائڻ تي مجبور آهيان، دربدري جي باوجود ملڪ جي عدالتن کان مايوس ناهيان پر تڪڙو انصاف ٿيندي نظر ن ه پيو اچي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ قتل ڪيس ٽن مهينن ۾ حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو پر ان حڪم کي 16 مهينا گذري ويا آهن، پر نه جوابدار گرفتار ٿيا، نه ئي ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويو آهي. ام رباب چيو ته جڏهن اعليٰ عدالت جي حڪم تي ڪو ڌيان نٿو ڏنو وڃي ته پوءِ ملڪ ۾ انصاف جي ڪنهن مان اميد رکجي؟ هن چيو ته منهنجي پيءُ مختيار چانڊيو، ڏاڏي ڪرم الله چانڊيو ۽ چاچي قابل چانڊيو جي قتل ۾ پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ سندس ننڍو ڀاءُ بهرام خان چانڊيو ملوث آهن، جن کي سرپرستي جي ڪري گرفتار نه ڪيو ويو آهي.

اُم رباب پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ چيو پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سوچڻ گهرجي ته هڪ نياڻي 16 مهينن کان عدالتن جا در کڙڪائي رهي آهي پر ساڻس انصاف نٿو ڪيو وڃي. هن چيو ته آئون وزيراعظم عمران خان کان پڇان ٿي ته توهان جي پارٽي جو نالو تحريڪ انصاف آهي ته پوءِ مون نياڻي کي انصاف ڇو نٿو ڏنو وڃي. هن چيو ته پاڪستان ۾ جيڪو سردار ظلم ڪري ان کي چوڪن تي ڦاهي چاڙهيو وڃي. مون سان ڀلي ڪير به گڏ نه هجي پر آئون انصاف لاءِ وڙهندي رهنديس ۽ جيڪڏهن مون کي انصاف نه مليو ته مان سپريم ڪورٽ سامهون پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏينديس. ٻئي طرف ام رباب چانڊيو انصان لائيرز فورم جي دعوت تي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار پهتي، جتي سندس مان ۾ وڪيلن پاران آجياڻو ڏنو ويو. تقريب دوران انصاف لائيرز فورم جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ تيمور حسين ڪيريو، ايڊووڪيٽ ستار سرڪي، ايڊووڪيٽ جهانگير پٺاڻ سميت حيدرآباد جي وڪيلن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وڪيلن ام رباب چانڊيو کي خاطري ڪرائي ته هو ساڻس انصاف جي حصول لاءِ جدوجهد ۾ ساڻس گڏ هوندا.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *