Thursday , March 28 2024

اميد آهي ته اي پي سي کانپوءِ مونکي گرفتار ڪيو ويندو: اڳوڻو صدر آصف زرداري

ٻن سالن تائين جمهوريت بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر حڪمران ائين نه ٿا چاهين: آصف زرداري

اسلام آباد (خاص نمائندو   سنڌ سماءَچار) کيس اميد آهي ته اي پي سي کانپوءِ مون کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو، اُميد آهي ته مولانا فضل الرحمان جيل ۾ ملڻ ايندو، اي پي سي ۾ اهڙو لائحه عمل جوڙيو وڃي، جنهن سان جمهوريت بحال ٿئي، مريم نواز تمام گهڻيون تڪليفون برداشت ڪيون، کيس سلام پيش ڪريان ٿو ۽ اسان ساڻس گڏ آهيون. آصف زرداري اسلام آباد ۾ پيپلزپارٽي جي ميزباني هيٺ اپوزيشن جماعتن جي آل پارٽيز ڪانفرنس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي چيو ته، اسان ٻن سالن تائين ڪوشش ڪندا رهياسين ته جمهوريت بچي، ان کي نقصان نه پهچي، اسان کي لڳي ٿو ته موجوده حڪمران ائين نه ٿا چاهين، هي جمهوريت ناهي، جيئن مجوده حڪمران ملڪ هلائي رهيا آهن ائين ملڪ ناهن هلندا، ڪنهن کان ڊڄڻ وارا ناهيون، اسان رڳو حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ نه آيا آهيون، حڪومت کي نيڪالي ڏئي جمهوريت بحال ڪنداسين. پرويز مشرف کي ٽي وي تي ڏيکاري سگهجي ٿو ته نواز شريف کي ڇو نه؟ ماڻهو اسان کي ٻڌي رهيا آهن ۽ ٻڌندا رهندا. هن چيو ته حڪمرانن آل پارٽيز ڪانفرنس کي ناڪام بڻائڻ لاءِ سازشون ڪيون، پر ان جي باوجود به اي پي سي ڪايابي سان ٿي ۽ اها ئي اسان جي ڪاميابي آهي.

سنڌ حڪومت پاران بُنڊار سان گڏ ڏنگي ٻيٽ تي به منصوبن ۾ وفاق سان سهڪار جو اعلان

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *