Thursday , April 25 2024

امريڪا پاران ايران سميت ڪجهه مسلمان ملڪن جي شهرين جي ويزا تي پابندي بعد ايران امريڪي شهرين جي داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي

amrican flag

امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ايران، عراق، صوماليا، مصر سميت ڪجهه ٻين مسلمان ملڪن جي شهرين تي امريڪا ۾ داخلا تي پابدي واري فيصلي جو ايران حڪومت به ترت ڪارروائي ڪندي، امريڪي شهرين جي پنهنجي ملڪ ۾ پابندي لڳائي ڇڏي آهي.

ايراني سرڪار جو چوڻ آهي ته ” امريڪا ۾ ايران جي شهرين جي پابندي وارو فيصلو انهن جي قومي تشخص/ سڃاڻپ  جي بيحرمتي برابر آهي، انڪري هاڻي امريڪي شهري به به ايران نه اچي سگهندا“. ايران اهو پرهيون ملڪ آهي جنهن امريڪا جي پابندين جو تڪڙُ ۽ سخت جواب ڏيندي امريڪن جي ايران ۾ داخلا تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي

 

About Asghar Azad

Check Also

نيٺ طالبان محمد حسن اخوند جي سربراهي ۾ حڪومت جوڙي ورتي

طالبان جي اڳوڻي باني امير ملا عمر جو پٽ  ۽ فوجي آپريشن جو سربراهه ملا …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *