Saturday , April 20 2024

امريڪا- طالبان ۽ افغان ٺاهه اسانجي سفارتي ڪاميابي آهي:شاهه محمود قريشي

ڪراچي/ ملتان (سنڌسماءَچار  مانيٽرنگ ڊيسڪ) پورڏيهي وزير ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي امريڪا ۽ افغان طالبان جي افغان حڪومت وچ ۾ معاهدي کي پاڪستان جي اهم سفارتي ڪاميابي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، پرڏيهي وزير چيو آهي ته مستقبل ۾ وڌيڪ خوشيون ملنديون. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان جي معاملي تي اسان جو ڪم هڪ ميز تي آڻي ڳالهيون ڪرائڻيون هيون ۽ پاڪستان امريڪا ۽ افغان ڌرين کي هڪ ميز تي آندو. هن چيو ته، امن جنگ سان قائم ناهي ٿيندو، اهو اسان جو موقف رهيو آهي ۽ دنيا ان کي تسليم به ڪيو آهي، افغانستان ۾ امن پاڪستان جي به ضرورت آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڙيسري ۽ خيرخواه جي حيثيت ۾ پاڪستان افغانستان سان گڏ آهي. افغانستان جي معاملي تي پاڪستان پنهنجو ڪردار اداڪري ڇڏيو آهي. افغانستان جي مستقبل جو فيصلو افغان عو ام پاڻ ڪندو.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024

سنڌ سوال ڪري ٿي!! سنڌسماءَچار اليڪشن سيل2024 سنڌ تي بنا ساهي جي وڏي اڪثريت سان …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *