Friday , March 29 2024

اليڪشن 2018: سنڌ ۾ خيرپور ضلعو پهرين ۽ ڪورنگي ٻئي نمبر انتهائي حساس،فوج مقرر

   فائل فوٽو 

ڪراچي( رپورٽ اصغر آزاد)  پاڪستان ۾ ٿيندڙ عام چونڊن لاءِ پولنگ اربع ڏينهن 25 جولاءِ تي ٿيندي، اليڪشن ڪميشن پاران سنڌ ۾ پهرين نمبر تي خيرپور ضلعي کي سڀ کان وڌيڪ انتهائي حساس ضلعو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ٻئي نمبر تي ڪورنگي ضلعي کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي دستاويزن مطابق سکر ۽ لاڙڪاڻي ضلعي 4 هزار 614 پولنگ اسٽيشنز مان 16 سئو 67 پولنگس کي سڀ کان وڌيڪ / انتهائي حساس ۽ 1144 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي، انتهائي حساس قرار ڏنل پولنگس اسٽيشنز تي سي سي ٽي ڪئمرائون لڳائي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جتي سيڪيورٽي جا انتظام سنڀالڻ لاءِ فوج کي مقرر ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن عام چونڊن دوران سنڌ ۾ خيرپو ضلعي جي ڪل 880 پولنگ اسٽيشنز مان 788 پولنگس اسٽيسنز کي انتهائي حساس ۽ 92 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. عام چونڊن ۾ خيرپور ضلعي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 208 ۾ مجموعي طور تي 136 پولنگ اسٽيشن آهن، تڪ ۾ 3 لک 56 هزار 243 ووٽرز رجسٽرڊ آهين، جيڪي 25 جولاءِ تي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. خيرپور جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 209 تي 268 پولنگ اسٽيشن ۽ رجسٽرڊ ووٽرن جو تعداد 3 لک 34 هزار25 آهي، اين اي 210 3 لک 84 هزار 66 مرد ۽ عورت ووٽرز رجسٽرڊ ٿيل آهن.

سکر ضلعي ۾ قائم ڪيل 587 پولنگ اسٽيشنز مان 169 پولگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس ۽ 222 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. اهڙي طرح گهوٽڪي ضلعي جي ٽوٽل 592 پولنگ اسٽيشنز مان 177 پولنگس اسٽيسنز کي انتهائي حساس ۽ 322 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪل 695 پولنگ اسٽيشنز مان 209 پولنگس اسٽيسنز کي انتهائي حساس ۽ 160 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي ڪل 540 پولنگ اسٽيشنز مان 80 پولنگس اسٽيسنز کي انتهائي حساس ۽ 20 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي جي ڪل 392 پولنگ اسٽيشنز مان 95 پولنگس اسٽيسنز کي انتهائي حساس ۽ 129 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي. شڪارپور ضلعي جي ڪل 456 پولنگ اسٽيشنز مان 60 پولنگس اسٽيسنز کي انتهائي حساس ۽ 199 پولنگ اسٽيشنز کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.جيڪب آباد ضلعي جي ڪل 472 پولنگ اسٽيشنز مان 91 پولنگس اسٽيسنز کي انتهائي حساس ۽ حساس قرار ڏنو ويو آهي، جن ۾ جيڪب آباد جون 25، ٺل جون 53 ۽ ڳڙهي خيرو جون 13 پولنگس شامل آهن. انتهائي حساس قرار ڏنل پولنگس اسٽيشنز تي سي سي ٽي ڪئمرائون لڳايون وينديون، جڏهن ته حساس پولنگ اسٽيشنز تي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪري وڏي انگ ۾ نفري مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *