Thursday , March 28 2024

اليڪشن ڪميشن ڪراچي،ٿرپارڪر،خيرپور ۽ دادو جي نين تڪبندين تي اعتراض اڪلائي ڇڏيا

اسلام آباد( رپورٽر    سنڌسماءَچار) اليڪشن ڪميشن نين تڪبندين بابت جمع ڪرايل اعتراضن جو فيصلو ٻڌائيندي ڪراچي ڏکڻ ضلعي جي قومي ۽ ڪراچي اولهه، ٿرپارڪر، خيرپور ۽ دادو ضلعي جي صوبائي تڪن تي اعتراض منظور ڪري ورتا آهن. اليڪشن ڪميشن پنجاب جي ميمبر الطاف ابراهيم قريشي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ تڪبندين بابت جمع ڪرايل اعتراضن تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن ڪراچي ڏکڻ جي اين اي 246 مان چارج نمبر 8 کي ڪڍي اين اي 247 ۾ شامل ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڪراچي ڏکڻ جا ٻيا اعتراض رد ڪيا ويا.

اليڪشن ڪميشن اولهه ڪراچي جي صوبائي تڪ پي اي 112 مان چارج نمبر 3 هاربر سب ڊويزن ۽ منوڙا ڪينٽ کي پي ايس 113 ۾ منتقل ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميش پي ايس 113 مان چارج نمبر هڪ هاربر سب ڊويزن سرڪل نمبر 1، 2، 3 ۽ 5 کي پي ايس 112 ۾ شامل ڪيو جڏهن ته اولهه ضلعي جا ٻيا سمورا اعتراض رد ڪيا ويا. اليڪشن ڪميشن ٿرپارڪر ضلعي جي صوبائي تڪ پي ايس 55 مان تپيدار سرڪل سنگهرو کي ڪڍي پي اي 56 ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني. اليڪشن ڪميشن پي ايس 56 مان تپيدار سرڪل ڇاڇرو ۽ ٽائون ڪميٽي  ڇاڇرو کي ڪڍي پي ايس 54 ۾ منتقل ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو  ۽ پي ايس 54 مان تپيدار سرڪل تير دوس کي ڪڍي پي ايس 55 ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني.

اليڪشن ڪميشن طرفان ٿرپارڪر جي قومي اسيمبلي جي تڪن جا سمورا اعتراض رد ڪري ڇڏيا. اليڪشن ڪميشن خيرپور جي تڪن جي تڪن تي اعتراضن جو فيصلو ٻڌائيندي صوبائي تڪن پي ايس 26، 27، 28، 29، 30، 31 ۽ 32 تي داخل ڪرايل سمورن اعتراضن کي منظور ڪري ورتو جڏهن ته قومي اسيمبلي ج سموران اعتراض رد ڪيا ويا. اليڪشن ڪميشن دادو ضلعي جي تڪبندين بابت داخل ڪرايل اعتراضن جو فيصلو ٻڌائيندي پي ايس 86 مان تپيدار سرڪلز ايڊيشنل بکراڻي، خداآباد کي ڪڍي پي ايس 85 ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اليڪشن ڪميش دادو جي پي ايس 85 مان تپيدار سرڪل باغبان، ايڊيشنل باغبان ۽ مخدوم صاحب کي ڪڍي پي ايس 86 ۾ شامل ڪري ڇڏيو جڏهن ته قومي اسيمبلي تي داخل سمورن اعتراضن کي رد ڪيو ويو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *