Wednesday , April 17 2024

اليڪشن ڪميشن چيف اليڪشن ڪمشنر جي استعيفيٰ جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد( سنڌسماءَچار   مانيٽرنگ ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن سياسي جماعتن پاران چيف اليڪشن ڪمشنر جي استعيفيٰ وارو مطالبو رد ڪري ڇڏيو، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن مطالبي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته غير جمهوري مطالبا ڪرڻ بدران قانوني دڳ اختيار ڪيو وڃي، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر يعقوب چيو ته چئني صوبائي اليڪشن ڪمشنرز ۽ ڊي آر اوز کان نتيجا دير سان جاري ٿيڻ بابت وضاحت طلب ڪئي وئي آهي، آر ٽي ايس سسٽم ۾ خرابي جو پتو به لڳايو ويندو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بابر يعقوب چيو ته ملڪي ۽ پرڏيهي مبصرن چونڊن کي صاف ۽ شفاف قرار ڏنو. هن چيو ته 2018ع جي چونڊن ۾ ٽرن آئوٽ 52 سيڪڙو رهيو، جڏهن ته پاڪستاني قوم ڀرپور حصو وٺي تاريخ تبديل ڪري ڇڏي. سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بابر يعقوب چيو ته نون ليگ، پيپلز پارٽي ۽ ايم ايم اي سميت گهڻ جماعتي اجلاس ۾ڌانڌلي جا الزام بي بنياد آهن.  هن چيو ته ڪنهن به اميدوار کي اليڪشن ڪميشن توڙي عام چونڊن تي اعتراض آهي ته هو قانوني رستو اختيار ڪري، ڪوڙا الزام مڙهڻ مذمت جوڳو عمل آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *