Thursday , March 28 2024

اليڪشن جون تياريون، آصف زرداري پاران نوازشريف سان مفاهمت ختم ڪرڻ جو اعلان..!

PM NawazAsif Zardari

اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري نواز ليگ سان مفاهمت ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسان 4 سال جمهوريت خاطر مفاهمت ڪري ڏٺي، هاڻي آخري سال ۾ جارحاڻي اننگز کيڏنداسين، جيالا مخالفن کي سر جو جواب پٿر سان ڏين، آصف زرداري وفاقيگهرو وزير چوڌري نثار جي تڪ چڪري ۾ ايندڙ جلسو ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو، ڪالهه بلاول هائوس لاهور ۾ راولپنڊي ۽ سرگوڌا ڊويزن جي ٽيڪٽ هولڊز ۽ عهديدارن سان ڌار ڌار اجلاس کي خطاب ڪندي آصف زرداري چيو ته اسان مفاهمت جي سياست کي الوداع چئي ڇڏيو آهي، هاڻي سمورن پارٽي عهديدارن ۽ جيالن کي کليل اجازت آهي ته اهي پارٽي تي تنقيد ڪندڙن کي منهن ٽوڙ جواب ڏين، هن چيو ته پارٽي جي قيادت بلاول ڀٽو ئي ڪندو، بلاول جي جواني ۽ منهنجو تجربو پارٽي ۾ نئين جان وجهندو، پنجاب ۾ اسان جي جلسن واري اعلان ڪجهه ماڻهن جون ننڊون ڦٽائي ڇڏيون آهن،

هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو مڪمل طور تي بااختيار آهي، هو پارٽي کي هڪ ڀيرو ٻيهر اقتدار ۾ کڻي ويندو، پ پ عوامي جماعت آهي، اسان سڀني کي اها ڳالهه ثابت ڪرڻي آهي، هن چيو ته عوام ۽ ڪارڪنن سان رابطا وڌايا وڃن، پ پ پوري طاقت سان عمل جي ميدان ۾ نڪرندي، سموريون سرگرميون ايندڙ چونڊن ۾ نظر ۾ رکي ترتيب ڏيڻيون آهن، هن چيو ته پارٽي تي جيڪو به حملو ڪندو، هاڻي ڪارڪن ۽ عهديدار ان کي جواب ڏيڻ لاءِ بااختيار آهن، پروپئگنڊا ڪندڙن کي ڀرپور جواب ڏنو وڃي، هاڻي مخالفن کي هر حملي جو جواب سياسي انداز ۾ ڏنو ويندو، (ن) ليگ ۽ پي ٽي آءِ جو جارحاڻو مقابلو ڪيو ويندو، آصف زرداري وڌيڪ چيو ته راولپنڊي ڊويزن جي سمورن جيالن سان هاڻي ايندڙ ملاقات چڪري ۾ ٿيندي، جتي جلسو ٿيندو، هن چيو ته 2013ع جي اليڪشن ۾ هڪ سازش تحت پ پ کي هارايو ويو، هاڻي 2018ع ۾ اسان اهڙو ڪو به منصوبو هلڻ نه ڏينداسين، پارٽي جا جيالا، عهديدار، عورتون، وڪيل ۽ مزدور تنظيمون 2018ع جي چونڊن ۾ هر پولنگ اسٽيشن جي نگراني ڪنديون، هن چيو ته اسان کي هر حال ۾ ايندڙ اليڪشن کٽڻي آهي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *