Saturday , April 20 2024

اليڪشسن ويجهو ايندي ئي پيپلز پارٽي کي مهانگائي نظر اچي وئي،سڄي ملڪ ۾ احتجاج

ڪراچي (سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) گذريل وڏي عرصي کان ملڪ ۾ جاري مهانگائي جي طوفان تي خاموش ويٺل پاڪستان پيپلز پارٽي کي نيٺ مهانگائي جوعذاب ياد اچي ويو آهي. ان سلسلي ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل سميت پيٽروليم وارين شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سڏ تي سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ريليون ڪڍيون ويون.

ڪراچي ۾ پ پ جي صوبائي جنرل سيڪريٽري وقار مهدي، سنڌ اسيمبلي جي وقتي اسپيڪر شهلا رضا، ايم پي اي سعيد غني، اين اي شگفتا جماڻي، شاهده رحماني، ڪلثوم چانڊيو، نسرين چانڊيو، رحمت علي، شيراز خان، خالد ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ ڪارڪنن وڏي انگ شرڪت ڪئي، جن ۾ عورتون پڻ شامل هيون، ڪارڪن پئٽرول جي اگهن ۾ واڌ نامنظور ۽ پارٽي چيئرمين جي حق ۾ نعريبازي ڪئي.

حيدرآباد ۾ پ پ ۽ سپاف ڪارڪنن اولڊ ڪئمپس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب سامهون احتجاجي  مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته، نواز ليگ حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ بدران مهانگائي ۾ اضافي لاءِ پئٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آھي، جيڪو عوام سان سراسر ظلم آھي. سکر ۾ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري ۾ شامل ڪارڪن وفاقي حڪومت خلاف سخت نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي ڪاشف قاضي ، خادم ڀٽو، ليڊيز ونگ اڳواڻ شائسته کوسو، حسنه بانو، نجمه ، تسليم ڊومڪي ۽ ٻين چيو ته وفاقي حڪومت پئٽرول جي قيمت ۾ اضافو ڪري عوام مٿان مهانگائي جو بم ڪيرايو آهي.

مٺي ۾ سشيل ملاڻي ۽ نندلال مالهي جي اڳواڻي ۾ جيالن ٿاراڻي هائوس کان احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو. جوهي ۾ عبدالمجيد جمالي، سيد احمد شاھ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ساماري ۾حاجي اعجاز راهو، شڪيل احمد قائمخاني جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ٽنڊي الهيار ۾ ذوالفقار ستار بچاڻي، ظهير پتافي جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ڪنري ۾ پڻ پ پ ڪارڪنن احتجاج ڪيو. عمرڪوٽ ۾ برھان الدين ڪنڀر ۽ ايڊووڪيٽ محمد اسماعيل ڪنڀر جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.ڪڪڙ ۾ وزير ملاح، شفيع محمد ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو.

خيرپور ناٿن شاھ ۾ نور محمد چانڊيي ۽ اعجاز چانڊيي جي اڳواڻي ۾جيالن بلوچ پئٽرول پمپ کان نعرا ھڻي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھنيو. ڄام شوري ۾ ضلعي صدر آصف علي شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري لالا رحمان پٺاڻ، فياض راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.  سجاول ۾ صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي ۽ صوبائي صلاحڪار ريحانه لغاري جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن پ پ آفيس کان پبلڪ پارڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي.

ڪنب ۾ منور علي وساڻ، شيراز شوڪت راڄپر، ارشاد علي راڄپر ۽ ٻين احتجاجي ريلي ڪڍي، ٺڪراٺي ۾ ڪامريڊ سجاد گل منگي، احمد حسين منگي، شاھد سومري ۽ آفتاب حسين مھتم جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو. ڪشمور ۾ برڪت علي لنجواڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ٽنڊي محمد خان ۾ ضلعي صدر ۽ ايم پي اي سيد اعجاز شاهه بخاري، جنرل سيڪريٽري خرم ڪريم سومري، شير امين لاکي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي الفتاح چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو.جڏهن ته جيڪب آباد، ڳڙهي خيري، شهدادڪوٽ، قمبر، لاڙڪاڻي، ڏوڪري، دادو، نصير آباد، شڪارپور، خيرپور، نوشهري فيروز، نواب شاهه، سڪرنڊ، ميرپور خاص، گهوٽڪي ۽ رتي ديري ۾ جيالن جلوس ڪڍيا. هوڏانهن اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا، ملتان، مظفر آباد، فيصل آباد، بهاولپور، ڊيرا غازي خان،ٽانڪ، اپر دير، مردان، ڪوهاٽ، مانسره، بنون، چترال، ڊيرا اسماعيل خان،گوادر، زيارت، خصدار، قلات، لس ٻيلي، پنجگور ۽ سبي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾پ پ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرا ڪيا. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته نواز ليگ ڪڏهن به عوامي مفادن وٽان فيصلا نه ڪيا آهن، هنن هن مهانگائي واري دور ۾ تيل جون قيمتون وڌائي عوام مٿان پئٽرول بم ڪيرائي وڌو آهي، جنهن سبب مشڪل حالتن ۾ زندگي گذاريندڙ عوام وڌيڪ تڪليفن ۾ اچي ويو آهي، ھنن چيو ته روزمرهه جي استعمال ۾ ايندڙ شين جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن، هنن وفاقي حڪومت کي ڌمڪي ڏني ته پئٽروليم شين جا اگھھ گھٽائي عوام کي رليف ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ ملڪ گير احتجاج ڪنداسين.

About Asghar Azad

Check Also

هاڻي جنهن به ملڪ وڃون ٿا ته منهن ڏسي سمجهي ٿا وڃن ته پئسا وٺڻ آيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ   سنڌسماءَچار) اسان کي پنڻ جو سلسلو بند ڪرڻو پوندو، هاڻي جنهن به …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *