Thursday , March 28 2024

النور ۽ خيرپور شگر ملز جي مالڪن کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري

ڪراچي ( رپورٽر    سنڌ سماءَ چار) سنڌ هاءِ ڪورٽ عدالتي حڪم باوجود شگر ملز پاران ڪمند جي آبادگارن کي 172 رپيا في مڻ اگهه نه ڏيڻ تي خيرپور ۽ النور شگر ملز جي مالڪن کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت شگر ملز بند هئڻ بابت پاسما چيئرمين ۽ ڪين ڪمشنر سنڌ کان 10 جنوري تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ۾ چيو آهي ته ٻڌايو وڃي ته سنڌ ۾ شگر ملز ڇو بند ڪيون ويون آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ شگر ملز مالڪن پاران عدالتي حڪم باوجود آبادگارن کي ڪمند جو اگهه 172 رپيا في مڻ نه ڏيڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالتي حڪم باوجود آبادگارن کي ڪمند جو اگهه 172 رپيا في مڻ نه ڏيڻ تي خيرپور شگر ملز ۽ النور شگر ملز جي مالڪن کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪيا ويا.

عدالت شگر ملز بند هئڻ بابت پاسما جي چيئرمين ۽ ڪين ڪمشنر سنڌ کان 10 جنوري تي رپورٽ پڻ طلب ڪري ورتي. ٻڌڻي دوران جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ۾ چيو ته عدالت کي ٻڌايو وڃي ته سنڌ ۾ شگر ملز ڇو بند ڪيون ويون آهن. ٻڌڻي دوران شگر ملز مالڪن جي وڪيل چوڌري مامون عدالت کي ٻڌايو ته شگر ملز آبادگارن کي ڪمند جو 172 رپيا في مڻ اگهه ڏين پيون ۽ جيڪڏهن آئنده به ڪمند ورتو ويو ته ان جو 172 رپيا اگهه ڏنو ويندو. عدالت شگر ملز مالڪن جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن آئنده ڪمند ورتو ويو ته اگهه ايترو ڏنو ويندو، جو ڇا مطلب آهي،؟ ڇا آئنده آبادگارن کان ڪمند نه ورتو ويندو يا شگر ملون بند ڪيون وينديون،؟ جنهن تي شگر ملز مالڪن جي وڪيل چيو ته ان باري ۾ هو وڌيڪ نٿو ڄاڻي، پنهنجي ڪلائينڊ کان پڇي عدالت کي آگاهه ڪندو.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *