Wednesday , April 17 2024

الله نه ڪري ته ڪو حڪمران يا پارٽي سربراهه ٿئي: چيف جسٽس ثاقب نثار

اسلام آباد(سنڌسماءَچار مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته، خدا نه ڪري ته ڪو ڦورو ۽ چور ملڪ يا پارٽي جو سربراهه ٿي وڃي، جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ اُهو پارليامينٽيرينز کان اهڙا ڪم ڪرائيندو جيڪي هُو پاڻ نه ڪري سگهندو يا نه ڪري سگهيو هوندو. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ بئنچ چونڊ سڌارن واري ايڪٽ 2017 بابت هڪ آئيني درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. چونڊ سڌارن واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته؛ مشاهد حسين لاءِ پارٽي جي ٽڪيٽ تي نواز شريف صحيح ڪئي. فرحت الله بابر پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف جي پارٽي ٽڪيٽ تي عمران خان جي پارٽي سربراهه جي حيثيت سان صحيح ڪئي آهي. جنهن تي وڪيل سلمان اڪرم جو چوڻ هو ته آرٽيڪل 62 ۽ 63 جو تعلق اهليت يا نااهلي سان آهي. آرٽيڪل 63 اي پارٽي سربراهه ۽ ميمبرن بابت آهي جڏهن ته اليڪشن ايڪٽ 2017 آئين سان تڪرا ناهي. پارليامينٽ چاهي ته آرٽيڪل 17 ۾ ترميم ڪري سگهي ٿو ڪنهن پارٽي ميمبرن جي غلطي کي معاف ڪرڻ يا ريفرنس موڪلڻ سربراهه جو اختيار آهي، ٻنهي صورتن ۾ اهو سياسي پارٽي جو اندريون معاملو آهي.

ان دوران چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته اسان جو وزير اعظم چوي ٿو ته سندس وزير اهو ئي آهي، اسان ڏسي رهيا آهيون ته پارٽي صدر جي حيثيت ڪهڙي هوندي آهي، سلمان اڪرم راجا چيو ته منهنجي خيال ۾ سڄو پارليامينٽ نوٽيس وٺي رهيو هوندو، چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته اسان به نوٽ ڪري رهيا آهيون، پارليامينٽ کي قانون بڻائڻ جو اختيار آهي تنهن هوندي اهڙا قانون بڻائڻ جو اختيار ناهي ان ويلڊ هجن جڏهن ته آئون اهو نٿو مڃان ته ڪو ڦورو پارٽي جو صدر ملڪ تي حڪومت ڪري،  وزير اعظم چوي ٿو ته  آئون ته رڳو نمائندو آهيان. سلمان اڪرم راجا چيو ته نيلسن منڊيلا به ڪيترائي سال جيل ۾ رهيو. چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته نيلسن منڊيلا تي سياسي ڪيس هو. نيلسن منڊيلا جو ڪيس ڪنهن ڏوهاري/ فوجداري قانون تحت  نه هو. ڇا عدالت جي توهين ڪندڙ پارٽي صدر بڻجي سگهي ٿو، عدالتن جي توهين ڪندڙ رياست سان وفادار ناهي هوندو جنهن تي سلمان اڪرم راجا چيو ته آرٽيڪل 63 ون کي آرٽيڪل 17 ۾ شامل نٿو ڪري سگهجي.

ان موقعي تي جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان چئي رهيا آهيو ته نااهل پارٽي جو صدر بڻجي سگهي ٿو، جنهن تي وڪيل سلمان اڪرم جو چوڻ هو ته آرٽيڪل 62 ون ايف جي نااهلي پارليامينٽ جي حوالي سان آهي ان ڪري آرٽيڪل 63 ون کي آرٽيڪل 17 ۾ شامل نٿو ڪري سگهجي، سياسي پارٽي جي ميمبرن جي مرضي آهي ته هو جنهن کي به سربراهه بڻائن. چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته نااهل شخص پارليامينٽ جي ميمبرن کان اهي ڪم ڪرائيندو جيڪي هو پاڻ نٿو ڪري سگهي، سلمان اڪرم پنهنجن دليلن ۾ چيو ته پارٽي صدارت لاءِ پابندي هوندي ۽ ڇا نااهل شخص سياسي پارٽي ۾ سيڪريٽري جنلر يا سيڪريٽري فنانس جو عهدو نٿو رکي سگهي. جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ۾ چيو ته ڇا قتل ۽ ڌاڙي واري ڪيسل ۾ سزا ڪاٽيل خص سياسي پارٽي بڻائي سگهي ٿو. چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته الله نه ڪري جو ڪو چور پارٽي جو صدر بڻجي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *