Friday , March 29 2024

”اصغرخان ڪيس بند نه ٿيدو،آئين ۽ قانون جي دائري ۾ فوج سميت سمورا ادارا برابر آهن“: چيف جسٽس ثاقب نثار

اسلام آباد(خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار اصغر خان ڪيس بند نه ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته، ” فوج جي ملوث ماڻهن خلاف فوجي عدالت ٽرائل ڪري رهي آهي؛ جڏهن ته سول ماڻهن خلاف ڌار ٽرائل ٿي رهيو آهي، ڌار  ڌار ٽرائل سان حتمي نتيجي تي ڪيئن پهچنداسين“. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهري ۾ اصغر خان عملدارآمد ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت 25 جنوري تي بچاءُ وارو سيڪريٽري طلب. چيف جسٽس چيو آهي ته ايف آءِ اي ڪيس جي فائل بند ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي، اسان ڪيئن عدالتي حڪم کي ختم ڪري ڇڏيون، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪرائينداسين. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايف آءِ اي ڪيس بند ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي پر اسان ڪيئن عدالتي حڪم ختم ڪري ڇڏيون.معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪرائينداسين.چيف جسٽس وڪيل سلمان اڪرم راجا کي چيو ته اوهان عدالت جي مدد ڪيو ته ڪيس کي ڪيئن اڳتي وڌايو وڃي. چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته هڪ فيصلو آيو ۽ هاڻي عملدرآمد وقت ائين ٿي رهيو آهي. چيف جسٽس چيو ته ڪجهه ماڻهن کي ان معاملي کان ڌار ڪرڻ جي تجويز هئي، اصغر خان جي وڪيل وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته ائين نه ٿيڻ گهرجي، هڪ شخص چوي ٿو ته ها مان پيسا ورهايا. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ان کانپوءِ ڇا ٿو رهي، اصغر خان جون ڪوششون ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين.

ڪيس بند ڪرڻ واري معاملي ۾ اصغر خان جي خاندان کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو.چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن ايف آءِ اي وٽ اختيار ناهن ته ٻئي اداري کان جاچ ڪرائي ٿا وٺون، چيف جسٽس چيو ته جڏهن اهو فيصلو آيو هو ته مان تڏهوڪي چيف جسٽس افتخار چوڌري سان ملايو هئم، کيس چيو هئم ته ايڏو وڏو فيصلو ڪيو جو هاڻي عدالت ڪجهه به نه ڪري ته اهو ئي ڪافي آهي.سلمان اڪرم راجا چيو ته اصغر خان ۽ آسيه بي بي ڪيس جا ٻئي فيصلا تاريخ ساز آهن. جنهن جي جواب ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته ” فوج جي ملوث مانهن خلاف ملٽري ڪورٽ ٽرائل ڪري رهي آهي، سول ماڻهن خلاف ڌار ٽرائل ٿي رهيو آهي.چيف جسٽس چيو ته الڳ الڳ جاچ سان ڪيئن حتمي نتيجي تي پهچنداسين“، ”وفاقي ڪابينا چيو هو ته هنن جو ٽرائل ملٽري ڪورٽ ڪندي؛ اسان کي خبر ناهي ته ملٽري وارا ڪهڙي ڪارروائي ڪري رهيا آهن، ڇو نه انهن کان به رپورٽ طلب ڪري وٺون، ائين نه سمجهو وڃي ته فوج وارا عدالتي اختيارن جي دائري کان ٻاهر آهن“. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته، مان چيف جسٽس جي حيثيت ۾ انهن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اهو سڀ اسان جي اختيار ۾ آهي.سپريم ڪورٽ بچاءُ واري سيڪريٽري کي طلب ڪندي اصغر خان ڪيس جي ٻڌڻي 25 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ چيو ته بچاءُ وارو سيڪريٽري اچي ٻڌائي ته هن ڪيس ۾ جن فوجي آفيسرن جا نالا هئا، انهن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي، عدالت کي انهن فوجي آفيسرن بابت ڪيل ڪارروائي جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *