Friday , March 29 2024

اسپيڪر آغا سراج دراني جي گهر تي ڇاپي دوران پيرڳارو به مدد نه ڪري سگهيو

ڪراچي(رپورٽ: اصغر آزاد  سنڌسماءَچار) ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ اسپيڪر آغا سراج دراني جي گهر تي نيب جي ڇاپي بابت معلوم ٿيو آهي ته ڪارروائي دوران فنڪشنل ليگ ۽ جي ڊي اي جو سربراهه پيرپاڳارو به سراج دراني جي گهر ڀاتين جي مدد نه ڪري سگهيو هو. سنڌسماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق، اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ نيب هٿان گرفتار ڪيل سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي ڪراچي واري گهر تي جيئن ئي نيب ٽيم پهتي هئي ته اطلاع ملڻ شرط آغا سراج دراني جي گهر ڀاتين جي ڊي اي ۽ فنڪشنل ليگ جي سربراهه پير پاڳاري سان رابطي جي ڪوشش ڪئي، پر لڳ ڀڳ 25 منٽن تائين ساڻس رابطو نه ٿي سگهيو، جنهن کانپوءِ آغا سراج دراني جي هڪ گهرڀاتي جو ساڻس رابطو ٿيو جنهن کيس صورتحال بابت ٻڌايو. ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب سراج دراني جي گهر ڀاتي کانپوءِ سنڌ جي هڪ صوبائي وزير ۽ پير پاڳاري جي ذاتي دوست ساڻس رابطو ڪيو، صوبائي وزير پير پاڳاري کي صورتحال بابت ٻڌايو ۽ کيس مدد ڪرڻ جو چيو. سنڌسماءَچار جي ذريعن جو چوڻ آهي ته، پير پاڳاري آغا سراج دراني جي گهر ڀاتين ۽ صوبائي وزير کي ڪنهن به قسم جي مدد ڪرڻ کان لاچاري ظاهر ڪندي چيو ته، جيڪڏهن نيب ٽيم آغا سراج جي گهر تي ڇاپو هنيو آهي ته اهو قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانسواءِ نه هنيو هوندو،سراج دراني سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آهي ۽ نيب ڪو به اهڙو عمل نه ڪندي جنهن سان ان جي خلاف ڪو قانون جي ڀڃڪڙي جهڙو الزم لڳي وڃي.

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *