Thursday , April 25 2024

اسٽريٽ ڪرائيم کي دهشتگردي جي دائري ۽ پوليس کي سول اٿارٽي قرار ڏيڻ لاءِ وفاق سان رابطي جو فيصلو

ڪراچي( رپورٽر سنڌ سماءَ چار) سنڌ حڪومت پاران پوليس کي سول اٿارٽي قرار ڏيڻ ۽ اسٽريٽ ڪرائيم کي دهشتگردي جي زمري ۾ شامل ڪرڻ لاءِ وفاقي سرڪار سان رابطي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وڏي وزير چيو آهي ته پوليس کي سول اٿارٽي قرار ڏيڻ واري معاملي تي هُو پاڻ وفاقي سرڪار سان ڳالهائيندو. سنڌ ايپڪ ڪميٽي جي اجلاس ۾ مختلف معاملن بابت گهرو کاتي، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ سميت لاڳاپيل اختيارين امن امان سميت مختلف معاملن تي بريفنگ ڏني. اپيڪس ڪميٽي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جوڊيشري اڪيڊمي جي صلاح سان اسٽريٽ ڪرائم ۾ سڌارن آنديون پيون وڃن. ڪراچيءَ ۾ ڏوهه ڪرڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي.

موبائل ڦرڻ تي به گولي هلائي ويندي آهي. اپيڪس ڪميٽي اجلاس ۾ تجويز ڏني وئي ته جيڪڏهن اسٽريٽ ڪرائم  ۾ فائر ڪيو وڃي ته ان کي اي ٽي سي زمري ۾ آندو وڃي. وڏي وزير چيو ته مان چاهيان ٿو ته هر حال ۾ اسٽريٽ ڪرمنلز کي سخت کان سخت سزا ملي. هن چيو ته جيڪا به ترميم ڪرڻي آهي ڪئي وڃي شهرين کي هر حال ۾ تحفظ فراهم ڪرڻ گهرجي. وڏي وزير قانون واري وزير کي هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻن هفتن اندر اسٽريٽ ڪرائم جو سزائون سخت ڪرڻ جي حوالي سان قانوني مسودي کي منظوريءَ لاءِ موڪليو. لينڊ گريبر بابت اپيڪس ڪميٽي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته قبضي مافيا خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. سنڌ پوليس کي سول اٿارٽي ڊڪليئر ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت کي چيو ويو آهي ته سنڌ پوليس کي فارين آرڊر 1951ع ۾ سول اٿارٽي ڏني وڃي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته مان پاڻ ان مامري تي وفاقي حڪومت سان ڳالهائيندس.

About Asghar Azad

Check Also

سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي زمين تي والار جاري

ٺٽو ( خاص نمائندو   سنڌسماءَچار) سنڌ جي تاريخي ورسي ۽ تفريحي ماڳ ڪينجهر ڍنڍ جي …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *