Thursday , April 18 2024

اسماعيل راهو جي آبادگارن سان گڏجاڻي، ڪمند جي اگهه اتفاق نه ٿيو

ڪراچي(رپورٽر    سنڌسماءَچار) صوبائي وزير اسماعيل راهو جي صدارت هيٺ ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ بابت اجلاس بنا نتيجي ختم ٿي ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته آبادگارن ڪمند جو في مڻ اگهه 220 رپين کان وڌيڪ مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، زراعت واري وزير پاران 160 کان 175 تائين في مڻ مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني جيڪا آبادگارن رد ڪري ڇڏي. اربع ڏينهن زراعت کاتي جي صوبائي وزير اسماعيل راهو جي صدارت هيٺ ڪمند جا اگهه مقرر ڪرڻ بابت اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪمند جا اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ آبادگار اڳواڻن ۽ شگر ملز مالڪن کان تجويزون گهريون ويون. صوبائي وزير زراعت جي صدارت هيٺ سنڌ جي آبادگارن سان ڪمند جي اگهه بابت ٿيل گڏجاڻي ۾ ايوان زراعت جي صدر رئيس قبول کٺياڻ عبدالڪريم ٽالپر آبادگار بورڊ جي اڳواڻن حاجي عبدالمجيد نظاماڻي، محفوظ عرساڻي جي اڳواڻي ۾ آبادگارن جي وفد به گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيا. گڏجاڻي ۾ آبادگارن موجوده مهانگائي جي دور کي نظر ۾ رکندي فصل تي وڌيڪ خرچن کي ڏسندي ڪمند جو في مڻ اگهه 220 جو مطالبو ڪندي ملون فوري هلائڻ جو پڻ چيو. سنڌ چئمبر آف ايگريڪلچر جي صدر رئيس قبول کٺياڻ جو چوڻ هيو ته گهٽ ۾ گهٽ پنجاب جي اگهه کان سنڌ جي ڪمند جو اگهه وڌيڪ رکيو وڃي. هن چيو ته اسين وزير صاحب کان اهو به مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ملڻ جو چمنيو ٻارڻ جو اعلان ڪرايو وڃي ڇو ته پاڻي جي کوٺ آهي فصل سوڪهڙي جو شڪار ٿي سگهي ٿو.

صوبائي وزير اسماعيل راهو آبادگارن کي يقين ڏياريو ته هن ئي مهيني ۾ ٻي گڏجاڻي منعقد ڪئي ويندي جنهن بعد بورڊ جو اجلاس گهرائي معاملي کي حل ڪيو ويندو. ذريعن موجب اجلاس ۾ سنڌ آبادگار بورڊ پاران ڪمند جو اگهه 220 رپيا في مڻ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ڪراچي ۾ زراعت واري صوبائي وزير اسماعيل راهو جي صدارت هيٺ ڪمند جي فصل جو اگهه مقرر ڪرڻ بابت اجلاس ۾ زراعت واري سيڪريٽري آغا ظهير الدين، سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻ، چيمبر آف ايگريڪلچر ۽ ڪين ڪمشنر سميت لاڳاپيل عملدارن به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي وزير اسماعيل راهو آبادگارن ۽ شگر ملز مالڪن کان ڪمند جا اگهه مقرر ڪرڻ بابت تجويزون گهريون، جڏهن ته اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ بورڊ جو هلندڙ مهيني اجلاس گهرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. اسماعيل راهو چيو ته آبادگار بورڊ ۽ سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر جي عهديدارن جو مطالبو آهي ته ڪمند جو اگهه 160 رپيا في مڻ کان وڌيڪ مقرر ڪيو وڃي. هن چيو ته سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي اتفاق سان ڪمند جو اگهه مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو، آبادگار سنڌ جو اثاثو آهن سندن سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا. سندس چوڻ هو ته سنڌ سرڪار آبادگارن جي مفادن جو هر طريقي سان تحفظ ڪندي. ذريعن موجب اجلاس ۾ سنڌ آبادگار بورڊ ڪمند جو اگهه 200 رپيا في مڻ ڪرڻ جو مطالبو ڪيوآهي. سنڌ سماءَچار کي مليل ڄاڻ مطابق، جڏهن آبادگارن صوبائي وزير کي چيو ته، شگرملز جون چمنيون ٻارڻ لاءِ کين هدايت ڪئي وڃي ته ان تي صوبائي وزير چيو ته، ان لاءِ هُو وڏي وزير سان ڳالهائيندو ۽ ان معاملي کي وڏو وزير پاڻ ڏسندو.

ڪمند جو اگهه مقرر نه ٿيو، شگر ملز چالو ٿيڻ بابت پاليسي واضع نه ٿي

About Asghar Azad

Check Also

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جَي چيف جسٽس ٿيڻ تي هنبوشين جي موسم ۽ سنڌ

ها؛ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي هڪڙي ڳالهه وڻي اُها سچ ڏاڍي وڻي؛ اها …

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *